ڀارتي ڊسٽري بيوٽرن جو پاڪستاني امپورٽرن کي فلمون ڏيڻ کان انڪار، لکين رپيا نقصان

لاهور (شوبز نيوز) ڀارتي فلمن کي سيڙپڪاري ڪندڙ ڪيترنئي پروڊيوسرن ۽ ڊسٽري بيوٽرن جو پيسو ضايع ٿي ويو. ڀارت جي فلم ڊسٽري بيوٽرن پاڪستاني امپورٽرن کان لکين رپيا ايڊوانس ته وٺي ڇڏيا پر پاڪستان ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي پابندي سبب امپورٽرن کي فلمون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. گذريل هفتي ڀارتي فلم ”اي دل هي مشڪل“ ۽ شيوي جي نمائش پاڪستان جي سينيمائن ۾ ٿيڻي هئي، اهي ٻئي فلمون ڀارتي سپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ اجي ديوگن جون هيون،انهن فلمن کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ لاءِ وڏي رقم ڀارتي پروڊيوسرن ورتي هئي. جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خراب حالتن ۽ هندو انتها پسندن سبب ٻنهي ملڪن نه رڳو هڪ ٻئي جي فلمن جي نمائش روڪي ڇڏي پر پاڪستاني فنڪارن جي ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان مسئلا وڌي ويا. ٻنهي وڏين فلمن جي نمائش ۽ نئين ڀارتي فلمن جي نمائش بند ٿيڻ سان پاڪستاني امپورٽرن ۽ جديد سينيمائن جا مالڪ پريشان ٿي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *