ايشوريا جي نئين تڪراري تصوير سوشل ميڊيا تي ڌوم مچائي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ايشوريا راءِ جي نئين تڪراري فوٽو شوٽ ”اي دل هي مشڪل“ جي تصويرن کي به پوئتي ڌڪيندي سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي آهي. ڌيءَ جي پيدائش کانپوءِ فلمي دنيا ۾ واپسي ڪرڻ واري بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن، جڏهن ته اداڪارا فلمن ۾ پنهنجي ڪردار ۾ حقيقت جو رنگ ڀرڻ لاءِ مشهور آهي ۽ حال ۾ ئي ڪرن جوهر جي فلم ”اي دل هي مشڪل“ ۾ رنبير ڪپور سان بي باڪ منظرن سبب هن تي نه صرف نندا ڪئي پئي وڃي پر سينسر بورڊ به فلم مان رنبير ڪپور ۽ ايشوريا راءِ بچن جا اعتراض  جوڳا منظر ڪٽي ڇڏيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *