
بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج چيو آهي ته ڀارت وڌيڪ ڇڪتاڻ نٿو چاهي، جنگ سان ڪنهن جو به فائدو نه ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي سرحدن وچ ۾ ڇڪتاڻ سان سڄي خطي تي منفي اثر پوندا . پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج چيو آهي ته ڀارت صبر ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي وڌيڪ ڇڪتاڻ نٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته جنگ ۾ ڪنهن جو به فائدو نه ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي سرحدن وچ ۾ ڇڪتاڻ سان سڄي خطي ۾ منفي اثر پوندا. ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج ڇڪتاڻ جي خاتمي جي خواهش جو اظهار چين ۾ آر آءِ سي ( روس، انڊيا، چين ) پرڏيهي وزيرن جي اهم اجلاس ۾ شرڪت دوران ڪيو. ان اجلاس ۾ سشما سوراج کي ڀارتي اڳرائي تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.