هر اڳرائي تي دشمنن کي اهڙو ئي منهن ٽوڙ جواب ملندو، مودي دانشمندي جو رستو اختيار ڪري: شهباز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي جارحيت ۽ ان تي پاڪ هوائي فوج جي ڀرپور جواب تي پاڪستاني سياستدانن شاهينن کي سلام پيش ڪيو آهي. قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪ هوائي پنهنجي بلند حوصلي ۽ جذبي واري روايتن ۾ اڄ وڌيڪ هڪ روشن بابت جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي هن اسان کي دشمن تي فتح ۽ نصرت عطا فرمائي، هر اڳرائي تي دشمنن کي اهڙو ئي منهن ٽوڙ جواب ملندو. شهباز شريف چيو ته ڀارت کي ان اڳرائي جو جواب ملي ويو، اڃا به وقت آهي ته نريندر مودي دانشمندي جو رستو اختيار ڪري، پاڪستان جي هٿياربند فوج ثابت ڪري ڇڏيو ته مادر وطن جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، سالميت ۽ عزت توڙي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو، ڀارت لاءِ پيغام آهي ته هو جنگي جنون ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ بدامني جي منفي سوچ ترڪ ڪري، جنگ مسئلن جو حل ناهي، اڃا به وقت آهي ته ڀارتي قيادت هوش کان ڪم وٺي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت هڪ ڀيرو وري ڪنٽرول لائن جي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڪستان فوج پنهنجو دفاعي حق استعمال ڪيو، ڀارت کي گهرجي تي سرحدن جي تقدس جو احترام ڪري.  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي، پاڪ هوائي فوج اڄ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، اسان جي فوج جڏهن جڏهن به مدد جي ضرورت هوندي سنڌ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت جي جنگي جنون جو منهن ٽوڙ جواب قوم جي خواهشن ۽ اميدن موجب آهي.  هن چيو ته پاڪ هوائي فوج فخر جوڳو ڪارنامو انجام ڏنو آهي، قوم جو ٻچو ٻچو پرعزم ۽ پاڪستان فوج سان گڏ بيٺل آهي. انساني حقن واري وزير شيري مزاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو حملو ڪندو ته اسان سوچينداسين نه پر ان جو جواب ڏينداسين. شيري مزاري جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکون ٿا ۽ اسان ائين ئي ڪيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي صلاحيت بابت هاڻ ڪو به سوال باقي ناهي رهيو هوندو اسان پنهنجو دفاع ڪنداسين. اسد عمر چيو ته اميد آهي ته ڀارت جا ذميوار ماڻهو نريندر مودي کي ٻن ايٽمي طاقتن کي ورهائڻ واري ڪوشش کان روڪيندا، ڪو به سمجهه وارو ماڻهون ائين نه چاهيندو ته جنگ ٿئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *