پ پ پ بنا ڪنهن فرق ۽ ذات پات جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (بيورو)  سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير تعليم جناب نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پ پ پ بنا ڪنهن فرق ۽ ذات پات جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن هندو ڌرم شالا لاڙڪاڻو ۾ غريب اقليتن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي 30 غريب اقليتي ماڻهن ۾ 5،5 هزار روپين جا چيڪ ورهايا ويا. هن چيو ته 92 ماڻهن جا چيڪن لاءِ نالا موڪليا ويا پر 30 ماڻهن جا چيڪ پهرين مرحلي ۾ اچي چڪا آهن جيڪي اڄ هتي ورهائي رهيا آهيون ۽ تمام جلد رهيل ماڻهن کي پڻ چيڪ ڏنا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته هي ڪو وڏو ڪم ڪو نه آهي پر هن کان وڌيڪ ڪم ڪيا ويندا. هن چيو ته پ پ پ قائد اعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ واري تقرير تي عمل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ هن چيو هو ته هتي هر ماڻهو مذهبي طور تي آزاد آهي ۽ پاڪستان جي جهنڊي ۾ اڇو ڪلر اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ سڀئي پاڪستاني آهيون ۽ سڀني جا برابر جا حق آهن. هن چيو ته آمر جنرل ضياءُ الحق پنهنجي دور ۾ اقليتن لاءِ الڳ الڳ اليڪشن جو نظام متعارف ڪرايو پر وري اسان جي پارٽي ان کي تبديل ڪري جوائنٽ اليڪٽورل ۾ آندو ۽ انهي سان گڏوگڏ مخصوص سيٽون پڻ رکيون ته جيئن اقليتي برادري جي ماڻهن کي وڌيڪ نمائندگي ڏني وڃي. مسٽر کهڙو وڌيڪ چيو ته اسان جي ئي چوڻ تي اسيمبلين ۾ اقليتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا فڪس ڪئي وئي جنهن تي عمل ڪيو پيو وڃي. پ پ پ هميشه روزگار ڏنو آهي ۽ ڏيندي رهندي، هن چيو ته گذريل ڏيڍ سال دوران جيڪا استادن جي ڀرتي ٿي آهي اها ميرٽ جي بنياد تي ڪئ وئي آهي جنهن ۾ اقليتن سان واسطو رکندڙ ماڻهو پڻ شامل آهن. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري هندو پنجائت لاڙڪاڻو وجي ڪمار ڳالهائيندي چيو ته لارڪاڻي جي هندو برادري هميشه پ پ پ سان گڏ رهي آهي ۽ رهندي هن وڌيڪ چيوته اقليتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل ڪرايو وڃي. ان موقعي تي وائيس چيئرمين هندو پنجائت ڊاڪٽر ڌرمپال آيل مهمان خاص جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اجرڪ اوڍايو. ان موقعي تي هندو برادري جا اڳواڻ جن ۾ نول راءِ ليک راج ، منوهر لعل، راجيندر ۽ پ پ پ  اڳواڻ سڪينه گاد، تنوير گاد، امين شيخ ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موجود هئا. ان کان  اڳ سينيئر صوبائي وزير تعليم جناب نثار احمد کهڙو اڳوڻي ايم پي اي حاجي منور علي عباسي جي گهر پهچي ساڻس سان سندس ڀائيٽي جي وفات تي پ پ پ اڳواڻ محمد اسلم شيخ جي گهر پهچي ساڻس ڀاءُ جي وفات تي ۽ عبدالحق شيخ جي گهر پهچي ساڻس سندس ڀاءُ الله ورايو انور شيخ اڳوڻو پروڊيوسر ريڊيو پاڪستان جي وفات جي تعزيت ڪئي ۽ ڌڻي در دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي هن صدمي سهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *