رنبير ۽ ڪترينا شادي جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ رنڀير ڪپور  جا چرچا ته ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ آهن، جنهن جي هميشه ٻنهي اداڪارن ترديد ڪئي آهي. پر اوچتو ڪپور خاندان جي اداڪار انهي ڳالهه جو اعتراف به ڪيو ۽ شادي جي تاريخ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي.رنڀير ڪپور  انڊين ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته  هو ڪترينا ڪيف سان شادي ڪندو، هن وڌيڪ چيو ته  ڪترينا ڪيف ۽  سندس شادي 2016 جي آخر ۾ ٿيندي.  رنڀير جو چوڻ هو ته هلندڙ سال اسان ٻئي تمام گهڻا مصروف آهيان انهي جي ڪري اسان وٽ شادي لاءِ وقت ناهي، اسان ٻئي ايندڙ سال جي آخر ۾ پوري زندگي لاءِ هڪ ٿي وينداسين.  رنڀير ڪپور ٻڌايو ته هو 33  سالن جو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ کيس پنهنجي خاندان ٺاهڻ جي ضرورت آهي. مون ۽ ڪترينا ويهي اهو فيصلو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *