پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ماڻهو سوشل ميڊيا تي مخالفت جو دليل سان جواب ڏين: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته پارٽي جي آفيشل پيج کان علاوه سوشل ميڊيا تي مختلف ويب سائيٽس تي اڳواڻن يا ڪارڪنن جي موقف ۽ قدمن کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ماڻهو مخالفت جو دليل سان جواب ڏين سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ جا جيترا به آن لائين سپورٽرز آهن مان انهن سان ٻه ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو پهريان ته جيڪو پي ٽي آءِ جو اسپيشل پيج آهي اسان صرف ان جا ذميوار آهيون ۽ ٻيو پي ٽي آءِ جي نالي سان جيڪي به شيون اچن ٿيون اسان ان جا به ذميوار نه آهيون مان چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪي به پي ٽي آءِ جا سپورٽرس آهن ان لاءِ جيڪڏهن ڪوبه اينڪرز جرنلسٽس جا ڪالمسٽ اسان جي خلاف ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته براءِ مهرباني ان کي عقلمندي سان جواب ڏنو وڃي. ڪابه بري زبان استعمال نه ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته ان سان تحريڪ انصاف جي اميج کي نقصان پهچي ٿو. ڪارڪنن کي چوندس ته سوشل ميڊيا تي مخالفن سان تهذيب جي اندر پيش اچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *