فلم انڊسٽري ۾ سٺا دوست ملڻ مشڪل آهن: شرڌا شرما

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪاره شرڌا شرما چيو آهي ته ممبئي فلم انڊسٽري ۾ سٺا دوست ملڻ انتهائي مشڪل آهن ڪيترائي ڀيرا مون محسوس ڪيو ته مان اڪيلي آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي اندران اندران ٽٽل محسو ڪيان ٿي هن چيو ته سٺا دوست هميشه ساٿ ڏيندا آهن نفسيات جي ماهر ڊاڪٽر هريش سيٺي جو خيال آهي ته ايواڊ تقريب کان وڌيڪ ضروري اهي ته فنڪارن ۽ ٽِي وي فنڪارن کي تنظيم ۽ نوجوانن فنڪارن لاءِ ڪائونسلنگ سينٽر شروع ڪرڻ گهرجن. ننڍن شهرن کان وڏا خواب کڻي ايندڙ نوجوان پنهنجو نالو ٺاهڻ کان پوءِ عدم تحفظ محسوس ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته ڊپريشن هڪ عام نفسياتي مسئلو بڻجي چڪو آهي پر هرهڪ جي تڪليف مختلف هوندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *