پي سي بي چيئرمين قومي ٽيم ۾ تبديل جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز)پي سي بي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته قومي ٽيم جي ڪاميابي ٿي خوشي ٿي آهي جڏهن ته ٽيم ۾ اهم تبديلي جي ضرورت آهي ميڊيا کي جاري پنهنجي بيان ۾ شهريار خان جو چوڻ هوته ناصر جمشيد جي جاءِ تي سرفراز احمد کي کيڏائڻ گهرجي ها جڏهن ته سرفراز احمد کان وڪيٽ ڪيپنگ سان گڏوگڏ اوپننگ به ڪرائڻ گهرجي، هن جو چوڻ هوته ناصر جمشيد هن وقت فارم ۾ ناهي ان لاءِ سليڪشن ڪميٽي کي گهرجي ته ان جي جاءِ تي سرفراز احمد کي ٽيم ۾ شامل ڪري ته جيئن ان جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو وٺي سگهجي هن وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڪاميابي پاڪستان لاءِ انتهائي اهم هئي پر ان کان علاوه پاڪستان کي ايندڙ 3 ميچون به کٽڻيون پونديون هن جو چوڻ هو ته پاڪستان کي هاڻ گڏيل عرم امارات سميت ڏکڻ آفريڪا خلاف به ڀرپور ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڪستان ٻئي مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *