پاڪستان زمبابوي کي سخت مقابلي کانپوءِ هارائي ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

برسبين(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ 2015ع جي سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان زمبابوي کي شڪست ڏئي پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي پنهنجي سالگرهه جي ڏينهن به شاهد آفريدي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو جڏهنته ناصر جمشيد ۽ احمد شهزاد به ڪامياب نه ٿي سگهيا، قومي ٽيم طرفان وهاب رياض بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو پاڪستان جي 235 جي هدف جي حاصلات ۾ زمبابوي جي پهرين وڪيٽ 14 جي مجموعي اسڪور تي 4.4 اوور ۾ ڪري جڏهن جبابا 9 رنسون ٺاهي عرفان جي بال تي حارث سهيل جي هٿن ۾ ڪيچ ڏنو، .6.4 اوورن ۾ مجموعي طور تي 22 رنسن تي سڪندر رضا 8 رنسون ٺاهي محمد عرفان جو شڪار بڻيو جڏهن ته 74 جي مجموعي اسڪور تي مساڪاڊزا 29 رنسون ٺاهي پويلين جو رخ ڪيو ۽ بهتر راند پيش ڪندڙ ٽيلر 128 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ففٽي مڪمل ڪري  وهاب رياض جي بال تي عمر  اڪمل هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، زمبابوي کي پنجين وڪيٽ کان ان وقت هٿ ڌوئڻو پيو جڏهن 33.2 اوورن ۾ مجموعي طور تي 150 رنسن تي 33 رنسون ٺاهي وليمز راحمد علي جي بال تي آئوٽ ٿيو، مجموعي طور تي 166 رنسن تي مائري اٺ رنسون ٺاهي محمد عرفان جي بال  تي عمل اڪمل کي ڪيچ ڏنو زمبابوي کي ستون نقصان هڪ ڀيرو ٻيهر وهاب رياآض پهچايو جڏهن اروين 39.2 اوورن ۾ مجموعي طور تي 168 رنسن تي عمل اڪمل هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. قومي ٽيم طرفان محمد عرفان چار، وهاب رياض 3 ۽ راحت علي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، جڏهن ته بهترين ڪارڪردگي تي وهاب رياض کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *