پاڻمرادو نوٽيس تي تنقيد اجايو آهي، نظام عدل جي تباهي جا ذميوار سڀ آهيون: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس جواد ايس خواجه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي تنقيد اجايو آهي، هن عدليه جي ايوانن ۾ هڪ نه پر ڪيترائي ڀيرا خوف ڏٺو آهي، جنهن جو ڪارڻ دٻاءُ ۽ بااثر ماڻهن جي ناراضگي آهي، نظام عدل جي تباهي جا ذميوار سڀ آهيون. سپريم ڪورٽ ۾ اڄ رٽائرڊ ٿيندڙ چيف جسٽس جواد ايس خواجه جي مان ۾الوداعي فل ڪورٽ ريفرنس ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي سورنهن ئي ججز، اٽارني جنرل ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي. فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته عدليه پنهنجي عمر جا 4 ڏهاڪا گذاري چڪي آهي پر بدقستي جا هميشه ناڪاري جواب مليو آهي. چيف جسٽس چيو ته عدالتن ۾ هلندڙ هڪ-هڪ ڪيس جي فيصلن ۾ 25 سال لڳي وڃن ٿا ان ڪري کين عوام کي فوري ۽ تڪڙي انصاف جي فراهمي ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته اهو تاثر بي بنياد آهي ته سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس گهڻا وٺي ٿي، سو موٽو نوٽيس تي تنقيد کيس سمجهه ۾ نٿي اچي، عدليه جي هڪ فيصلي سان لکين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پنهنجا حق مليا هئا. هـُن چيو ته بي حسي کين شفاف فيصلا ڏيڻ کان نٿي روڪي سگهي، نظام عدل جي ناڪامي جي تباهي ۾ جتي ججز ۽ وڪيلن جو هٿ آهي، اوتر ئي حڪومت به ذميوار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي نامزد چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته جسٽس جواد ايس خواجه کي عدليه جي محافظ طور ياد رکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *