پ پ پاران عيدالاضحيٰ کانپوءِ عوامي جلسن جو اعلان، پارٽي جو جهنڊو کنيو آهي، هر شهر ويندس: بلاول ڀٽو

لاهور (بيورو) بلاول ڀٽو زرداري عيدالاضحيٰ کانپوءِ عوامي جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پهريون جلسو رحيم يارخان ۾ ٿيندو. بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته پارٽي جو جهنڊو کنيو آهي، هاڻي شهر شهر ويندس. بلاول هائوس ۾ ڏکڻ پنجاب جي عهديدارن جي اجلاس ۾ بلاول ڀٽو جو جهنڊو کڻي شهر شهر وڃي ڪارڪنن ۽ عوام سان ملڻ جو اعلان ڪيو. بلاول ڀٽو پارٽي کيفعال بڻائڻ لاءِ ڏکڻ پنجاب مان عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. اجلاس جي باري ۾ ميڊيا سان ڳالهائي راجا پرويز اشرف چيو ته بلاول ڀٽو ڪرپشن خلاف پاڻ احتسابي جو اعلان ڪيو آهي. راجا پرويز اشرف انڪشاف ڪيو آهي ته موجوده حڪومت رينٽل پروگرام، شارٽ ٽرم آئي پي پيز جي نالي سان ٻيهر شروع ڪيو آهي. جم چيو ته پيپلزپارٽي هميشه جمهوريت خاطر مفاهمت جي سياسي کي هٿي ڏني. راجا پرويز اشرف چيو ته بلاول ڀٽو عوام ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي عيد کانپوءِ رحيم يارخان ۾ وڏو جلسو ڪندو. بلاول ڀٽو ڏکڻ پنجاب جي ڪارڪنن کي گڏ ڪرڻ چاهي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته هر ڪيس جو فيصلو 6 کان 8 هفتن ۾ ٿيڻ گهرجي. ڀارت جيڪڏهن ميري اک سان ڏٺو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. اجلاس ۾ جذباتي منظر انهيءَ وقت ڏسڻ ۾ آيا جڏهن بينظير ڀتو جو ذڪر ٿيو. ميجر ريٽائرڊ امتياز رڙيون ڪري روئي ڏنو ۽ بلاول ڀٽو صدارتي ڪرسي ڇڏي وٽس ويو ۽ کيس گلي سان لڳايو ۽ حوصلو ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *