پاڪ چين اقتصادي راهداري تي ڪجهه ماڻهو ڀارتي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن: احسن اقبال

لاهور(بيورو) رٿابندي ۽ ترقي جي وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ موجود ڪجهه ماڻهو پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي تي ڀارت جي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن. لاهور ۾ بجيٽ کان اڳ سيمينار سان خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي سان پاڪستان اڀرندڙ معيشت جي قطار ۾ شامل هوندو ۽ ان ۾ سڀني صوبن کي شامل ڪيو ويندو. پاڪستان جا دشمن هروڀرو پاڪ چين اقتصادي راهداري تي گوڙ ڪري رهيا آهن۽ اها بدنصيبي آهي ته ملڪ ۾ موجود ڪجهه ماڻهو ڀارتي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن، حقيقت ۾ ان جي روٽ ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي، جيڪڏهن روٽ ۾ ڪا تبديلي ثابت ٿي وڃي ته هو سياست ڇڏي ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *