
ڪيپ ٽائون ( اسپورٽس نيوز ) قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي پهرين ون ڊي ۾ اٺن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.ڏکڻ آفريڪا وومين ٽيم /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01
خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم ٽاس کٽي بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان وومين ٽيم اڳيان آفريڪي بيٽنگ لائين واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ سڄي ٽيم 22 ڏهائي 5 اوورن ۾ رڳو 63 رنسن تي ڍير ٿي وئي.ڪلو ٽرائيون 21 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي، ميگنو دوپريز 18 رنسون ٺاهي سگهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جا 9 پليئر ڊبل فگر ۾ پهچڻ ۾ ناڪام رهيا.پاڪستان طرفان ثنا مير زبردست بالنگ جو مظاهرو ڪندي ڇهن اوورن ۾ يارنهن رنسن عيوض چئن رانديگرياڻين کي پويلين ڀيڙو ڪيو. نشرا سنڌو ۽ ندا ڊار ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته فاطمه ثنا هڪ شڪار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي.ڏکڻ آفريڪا طرفان مليل 64 رنسن جي ٽارگيٽ 14 ڏهائي 4 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو. پاڪستان وومين ٽيم طرفان ناهيدا خان ۽ صدرا امين اننگز جي شروعات ڪئي.پاڪستان جي پهرين وڪيٽ چئن رنسن تي ڪري، ناهيدا خان کي 4 رنسن تي ايس اسماعيل ڪلين بولڊ ڪيو، صدرا امين 10 رنسون ٺاهي ايم ڪيپ جو شڪار بڻي، جنهن کان پوءِ جويرا خان ۽ ڪپتان بسمعا معروف ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.جويرا خان 34 رنسون ۽ بسما معروف 12 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. آفريڪا طرفان ايم ڪيپ ۽ ايس اسماعيل هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ميچ ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ثنا مير کي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو .