ڪرڪيٽ جو اسٽرڪچر ڇا هئڻ گهرجي، ان فيصلو بهرحال پي سي بي کي ڪرڻو آهي: وهاب رياض

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽر وهاب رياض ۽ ڪامران اڪمل به ڊيپارٽمنٽل ڪرڪيٽ جاري رکڻ جي حق ۾ آواز بلند ڪري ڇڏيو.فاسٽ بالر وهاب رياض چوي ٿو ته ڪرڪيٽ جو اسٽرڪچر ڇا هئڻ گهرجي، ان فيصلو /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 20

بهرحال پي سي بي کي ڪرڻو آهي پر منهنجي ذاتي راءِ ۾ ڊيپارٽمينٽل ڪرڪيٽ سبب ئي بهترين ڪرڪيٽ سان گڏوگڏ سٺا ڪرڪيٽر پڻ سامهون اچي رهيا آهن. ان ڪرڪيٽ کي ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ڪرڻ گهرجي.سان جا ڪيترائي ڪرڪيٽرن ڊيپارٽمنٽل ڪرڪيٽ ذريعي  روزگار سان لڳل آهن، جيڪڏهن کاتن جون ٽيمون بند ٿي وينديون ته پوءِ  اسان جي ڪرڪيٽرن کي به تمام گهڻو نقصان ٿيندو، ڪو به فيصلو ڪرڻ کان پهريان ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪامران اڪمل جو چوڻ آهي ته پي سي بي هر سال علائقائي سسٽم تبديل ڪندو رهندو آهي اڃا ڪيترو ان کي تبديل ڪندئو. ڊيپارٽمنٽل ڪرڪيٽ بند ٿيڻ سان اسان جي ڪرڪيٽ جو معيار ڊنوا ڊول ٿي ويندو. جاويد ميانداد، عبدالقادر سميت جيترا به ڪرڪيٽر ان معاملي تي ڳالهائي رهيا آهن، ان جو سبب رڳو اهو  آهي ته هو احساس ڏيارڻ چاهين ٿا ته ڊيپارٽمنٽ ڪرڪيٽ اسان جي ملڪ لاءِ ڪيتري اهم آهي، اسان پاڻ کاتن جي ڪرڪيٽ کان هيستائين پهتا آهيون.قومي وڪيٽ ڪيپر چيو ته پي سي بي ۽ وزيراعظم عمران خان کي ان حوالي سان تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي پر کين سوچڻ گهرجي تي ائين ڪرڻ سان ڪرڪيٽ تي ڪهڙا اثر پوندا.هن چيو ته اسان جي ملڪ جي آبادي ٻاويهه ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي.

ان رڳو ڇهه ٽيمون ٺاهڻ  ڏاڍو ڏکيو آهي، آسٽريليا جي آبادي اسان کان گهٽ آهي، اتان جي نظام ۾ ائين ٿي سگهي ٿو. منهنجي راءِ آهي ته ڊيپارٽمنٽ ڪرڪيٽ کي ڪنهن به صورت ۾ بند نه ٿيڻ گهرجي، پر کاتن واري ڪرڪيٽ کي وڌائڻ لاءِ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، کين انڊر 19 ۽ انڊر 16 ٽيمون به ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *