پاڪستان جي فتح تي ڀارت ۾ جشن، اڳوڻا ڪرڪيٽر تپي باهه

ممبئي(اسپورٽس نيوز)پاڪستان هٿان ڀارت جي شڪست تي ڀارتي گادي واري هنڌ نئين دهلي جي علائقي سيماپوري ۾ آتشبازي ڪئي وئي ۽ ڦٽاڪا ڦاڙيا ويا.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان جي فتح تي ڀارتي گادي واري هنڌ نئين دهلي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ خوشي وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ ڦٽاڪا ڦاڙيا ويا.اهڙي خوشي واري خبرن اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽرن کي باهه ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ ٽوئيٽ ڪيو ته ديوالي جي موقعي تي ڦٽاڪا ڦاڙڻ تي پابندي آهي پر پاڪستان جي فتح تي ملڪ ۾ ڦٽاڪا ڦاڙيا پيا وڃن.هن ڪاوڙ ۾ چيو ته هل ٺيڪ آ اهي ته ڪرڪيٽ جي خوشي ڪري رهيا آهن پر ديوالي تي ڦٽاڪا ڦاڙن سان ڪهڙو نقصان ٿيندو، اهو سڀ ڍونگ ڇو؟ سڄو گيان رڳو ديوالي تي ئي ياد ايندو آهي.ان کانسواءِ اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي اسيمبلي ميمبر گوتم گمڀير به ٽوئيٽ ڪيو ۽ پاڪستان جي فتح تي جشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *