پاڪستان بيلسٽڪ ميزائل شاهين 3 جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان، ڊگهي فاصلي تي زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٿِري جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر موجب بيلسٽڪ ميزائل شاهين 3 جو تجربو عربي سمنڊ ۾ ڪيو ويو. زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ شاهين ٿِري هر قسم جا ائٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ 2 هزار 750 ڪلوميٽرن تائين پنهنجي حدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب تجربي وقت هٿياربند فوجن جا سربراهه، اسٽريٽرجڪ پلان ڊويزن جا عملدار ۽ ميزائل جي تياري سان لاڳاپيل سائنسدان ۽ ماهر به موجود هئا. صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف شاهين ٿري جي ڪامياب تجربي تي سائنسدانن کي واڌايون ڏنيون ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪي دفاع لاءِ ڪنهن شيءِ تي سوديبازي نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *