بلاول ڀٽو زرداري جلد پاڪستان اچي سياست جي ڊڪ ڊوڙ سنڀاليندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو پيپلز پارٽيجو چيئرمين آهي ۽ هو پنهنجي مرضي سان پاڪستان اچي پارٽي ۽ ملڪي سياست جي واڳ سنڀاليندو، سڄي صوبي ۾ جاري صاف سرسبز سنڌ پرامن سنڌ مهم ڪاميابي سان جاري آهي ۽ جيستائين صوبي کي سرسبز ۽ گندگي کان صاف نه ڪيو ويندو تيستائين اسان سک سان نه ويهنداسين، ڪسٽم هائوس انتظاميه جا ٿورائتا آهيون جو هن پنهنجي بلڊنگ جي ڀرپاسي جي رستن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ورتو آهي جيڪڏهن اهري طرح وفاق صوبائي خودمختيار ادارا ۽ خانگي ڪمپنيون ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته اسان سنڌ کي سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ سرسبز بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر قادر پٽيل جي تقرير تڪراري هئڻ تي کيس پارتي جي اعليٰ قيادت شوڪاز ڏنو آهي ۽ اهو ئي ان جو فيصلو ڪندو پهرين اپريل کانپوءِ گوسڙو ملازم گهر ويهي سرڪاري پگهار نه کڻي سگهندو، ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي مالي اختيار ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ ڏنا آهن ۽ مڪاني چونڊن کي اهي اختيار ٻيهر چونڊيل نمائندن کي ملي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪسٽم هائوس ۾ ڪليڪٽر ڪسٽم سان ملاقات ۽ ان کانپوءِ سرسبز پرامن سنڌ مهم جي سلسلي ۾ صفائي سٿرائي جي ڪمن جي نگراني جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ صوبائي وزير ڪسٽم هائوس ڪراچي ۾ ڪليڪٽر ڪسٽم ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪئي، ان موقيع تي ڪمشنر ڪراچي شعيد احمد صديقي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود احمد، ايڊمنسٽريٽري سائوٿ افضل زيدي، محمد رئيسي، ڊي سي سائوٿ سليم راجپوت ۽ ٻيا اغليٰ آفيسر به ساڻس گڏ هئا.. ڪليٽر ڪسٽم صوبائي وزير کي ڪجهه ڊُنرز جي مدد سان ڪسٽم هائوس ڪراچي جي ڀرپاسي 4 گز جي مک روڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ مڪمل طور تي صفائي سٿرائي ۽ هتان جون ڪنٽرول سنڀاليندي هن علائقي کي خوبصورت بنائڻ جي خواهشجو اظهار ڪيو ۽ ان جي رستي ۾ آڏو ايندڙ مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ ڪسٽم انتظاميه جو شڪريه ادا ڪيو ۽ چيو ته سيوريج ۽ ٻين غيرقانوني قبضن جي حوالي سان انهن سمورن مسئلن جو خاتمو ڪيو ويندو ۽ کين هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان موقعي تي ڪسٽم انتظاميه پاران صوبائي وزير جي ڪسٽم آفيس پهچڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو ويو ۽ کيس خصوصي شيلڊ ڏنيو ئي. ان کانپوءِ صوبائي وزير ڪسٽم هائوس جي ڀرپاسي پاڻ ٻهاري ڏني ۽ اتي موجود ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سرسبز سنڌ ۽ پرامن سنڌ جيڪا 23 فيبروري تي شروع ڪئي وئي هئي اها هاڻي هڪ سال تائين وڌائي وئي آهي جيستائين اسان هن صوبي کي گندگي کان پاڪ ڪري سرسبز ۽ شاداب نه ڪنداسين تيستائين سک سان نه ويهنداسين. هن مهم کانپوءِ مختلف وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۽ خانگي ڪمپنين پاران جيڪو مثبت رويو سامهون آيو آهي ان اسان جا حوصلا وڌايا آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته 31 مارچ تي اسان جي سنڌ بئنڪ ۾ سمورن سنڌ جي بلدياتي ملازمن جا اڪائونٽ کولرائڻ جي آخري تاريخ آهي ان کانپوءِ پهرين اپريل کان انهن ملازمن کي پگهارون ملي سگهنديون جنهن جا اڪائونٽ موجود هوندا. هن چيو ته 31 مارچ کانپوءِ هاڻي ڪنهن به گوسڙو ملازم کي پگهار نه ڏني ويندي. ان کان پوءِ صوبائي وزير ڊسٽرڪٽ سائوٿ جي مختلف علائقن جو دورو ڪري جاري ڪمن جو جائزو ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *