پاڪستان افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مصالحتي عمل جي حمايت ڪري ٿو: ترجمان پاڪ فوج

راولپنڊي (بيورو) پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مصالحتي عمل جي حمايت ڪري ٿو ۽ هي معاملو افغانستان سان لاڳاپيل هر اجلاس ۾ غور هيٺ آندو وڃي ٿو ڳالهين جي ڪاميابين جي ذميواري لاڳاپيل ڌرين تي آهي پاڪستان خلوص سان اهڙي عمل جي حمايت ڪندو اميد آهي ته ڌريون ذميواري جو مظاهرو ڪنديون خميس تي آءِ ايس پي آر جي هڪ ترجمان افغان حڪومت ۽ افغان طالبان وچ ۾ امن ڳالهين جي حوالي سان ميڊيا ۾ ڪجهه حصن  ڇپيل خبرن تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته افغان حڪومت ۽ افغان طالبان وچ ۾ افغانستان ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ مصالحتي عمل جو معاملو افغانستان سان لاڳاپيل هر اجلاس ۾ غور هيٺ آندو وڃي ٿو. ترجمان چيو ته اسان کي اميد آهي ته سموريون ڌريون ذميواري جو مظآهرو ڪنديون ته جيئن امن جي مخالف پنهنجن ارادن ۾ ناڪام ٿي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *