وڏي وزير سڀني ضلعي بار ايسوسيئيشنن لاءِ سالياني گرانٽ باقاعدگيءَ سان رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ صوبي جي سڀني ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز لاءِ سنڌ حڪومت جي سالياني بجيٽ ۾ باقاعدگي سان مالي گرانٽ رکڻ ۽ صوبي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ سڀني ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارنيز کي به هڪ ٻن هفتن ۾ ريگيولر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير اهو به اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن کي خاص گرانٽ ۽ 17 شهيد وڪيلن جي وارثن کي مالي مدد ٻن هفتن ۾ ڏني ويندي. اهي اعلان هن خميس ڏينهن ڪراچي بار ايسوسي ايشن (ڪي بي اي) جي 18 رڪني وفد کي سي ايم هائوس ۾ خطاب ڪندي ڪيا. وفد جي اڳواڻي ڪي بي اي جو صدر ايڊووڪيٽ نعيم قريشي ڪري رهيو هو. وڏي وزير جو خاص مددگار ضياءُ الحسن لنجار جيڪو سنڌ بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمين به آهي، اجلاس ۾ شريڪ هو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته وڪيل اسان جا مشڪل وقت جا ساٿي آهن ۽ هنن ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي بالادستي لاءِ مثالي قربانيون ڏنيون آهن. وڏي وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيل 17 وڪيلن جي پونئرن لاءِ مالي سهائتا جا چيڪ تيار ٿي چڪا آهن جيڪي ٻن هفتن اندر سندن وارثن حوالي ڪيا ويندا. هن چيو ته وڪيلن کي پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيارن جا لائيسنس به ڏنا ويندا. ان کان علاوه سنڌ جي وڏي وزير صوبي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ سڀني ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارنيز کي مستقل ڪرڻ، سٽي ڪورٽ ۾ قائم ڊسپينسري لاءِ هڪ ايمبولينس، 2 ڊاڪٽر ۽ دوائون فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. وڏي وزير ڪي بي اي جي سفارش تي ڪي بي اي جي 11 ميمبرن کي جسٽس آف پيس جو لائيسنس جاري ڪرڻ جي منظور ڏني. ان کان علاوه وڪيل برادري جي سهولتن ۽ عدالتي ڪم جي رفتار وڌائڻ لاءِ سٽي ڪورٽ ڪراچي کان هاءِ ڪورٽ تائين 16 سيٽر شٽل سروس شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *