ٻنهي صوبن مان هيل تائين 80 شڪايتون موصول ٿيون، جيڪي معمولي نوعيت جون هئڻ سبب اڪلايون ويون آهن: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن کي مڪاني چونڊن جَي ٻئي مرحلي لاءِ سنڌ ۽ پنجاب مان شڪايتون وصول ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سنڌ ۾ پولنگ عملي جي جانبداري ۽ پنجاب ۾ اميدوارن جا چونڊ نشان غلط ڇپجڻ جون شڪايتون مليون آهن، پولنگ عمل بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، سنڌ  ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ اميدوارن ۽ ووٽرز جي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايتي سيل قائم ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، سنڌ ۾ اميدوار پولنگ عملي جي جانبدار هئڻ بابت شڪايتون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پنجاب مان اميدوارن جا چونڊ نشان غلط ڇپجڻ جون شڪايتون مليون آهن. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ٻنهي صوبن مان هيل تائين 80 شڪايتون موصول ٿيون، جيڪي معمولي نوعيت جون هئڻ سبب اڪلايون ويون آهن اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته جن پولنگ اسٽيششنز تي اميدوارن جا چونڊ نشان غلط ڇپجي ويا آهن، اتي پولنگ ملتوي ڪئي وئي، جنهن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *