حڪومت عوام جو رت پئي چوسي، پاڪستان ۾ اميرن بدران غريبن کان ٽئڪس وصوليو پيو وڃي: عمران خان

چارسده (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪومت عوام جو رت چوسي رهي آهي، پاڪستان ۾ اميرن بدران غريبن کان ٽئڪس وصوليو پيو وڃي. چارسده ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ناانصافي سبب ملڪ ۾ انتهاپنسدي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سستي ۽ تڪڙي انصاف کانسواءِ پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته حڪمران عوام جي پئسي سان پرڏيهه ۾ غير قانوني اثاثا ٺاهي رهيا آهن، پر سياستدان هڪٻئي کي بچائڻ لاءِ هوائي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. عمران خان چيو ته دنيا جي ڪنهن به معاشري ۾ پيدائشي طور ڪو انسان ڏوهاري ناهي هوندو، انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿيڻ هن چيو ته هتي جهنگ جو نظام آهي، جنهن جي لٺ تنهنجي مينهن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *