ٺٽو لڳ روڊ حادثو، 2 سئوٽن سميت 5 ڄڻا فوت، 15 زخمي، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو، وين ڊرائيور خلاف ڪيس داخل

ٺٽو (ڊ_ر) گجو لڳ مسافر وين ۽ بس ۾ ڏکوئندڙ حادثو 5 ڄڻا فوت 15 ڄڻا زخمي زخمين ۾ هڪ ئي گهر جا 2 سئوٽ شامل، ٻن فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي حادثي واري هنڌ فوج جا جوان پهچي فوتين ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي پهچايو سول اسپتال مڪلي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي اسپتال ۾ وارثن پاران روڄ راڙو قانوني قدم کڻي بس ۽ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 50

وين ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ايس ايس پي ٺٽو جي وارثن کي يقين ڌياني خبر موجب گجو لڳ هاليجي لنڪ روڊ تي ڪراچي کان جاتي ويندڙ بابو جان بس نمبر J-A 2186  کي ڪراچي کان بدين ويندڙ تيز رفتار وين نمبر R-7791  پٺيان کان بس کي زوردار ٽڪر هڻي وڌو جنهن جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار 5 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا آهن فوتين ۾ سجاول لڳ ٻيلو شهر جا رهواسي ٻه سئوٽ انور علي ولد آچار ولڙو، حضور بخش ولد ناٿو ولڙو شامل آهن جڏهن ته ڳولاڙچي جو رهائشي علي بخش ولد مولا بخش لغاري فوتين ۾ شامل آهن جن جا لاش سڃاڻپ کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته فوتين ۾ ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي جن جا لاش آخري اطلاعن تائين مڪلي جي سول اسپتال ۾ پيل رهيا ٻئي طرف حادثي ۾ 10 سالا ٻارڙو ڪراچي جي قائد آباد جي رهائشي عاقب سندس پيءُ مختيار احمد ۽ سندس ڏاڏو نور مصطفيٰ شامل آهن جن مان نور مصطفيٰ جي حالت ڳڻي جوڳي هئي ٽنهي زخمين کي ڪراچي نيو ويو آهي جڏهن ته باقي زخمين ۾ ايوب مجاهد پٺاڻ،حاجي سلام، گل محمد،منور سعيد ۽ ٻيا شامل آهن حادثي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ فوج جي جوانن، ايڌي جي رضاڪارن گجو شهر۽ آس پاس جي ڳوٺاڻن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي ۽ گهارو رورل هيلٿ سينٽر پهچايو جڏهن ته  8 زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر گهارو پهچايو ويو آهي ٻئي طرف ٺٽي جي سول اسپتال مڪلي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊاڪٽرن جون موڪلون رڌ ڪيون ويون ۽ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا جڏهن ته لاش کڻڻ وقت اسپتال ۾ روڄ راڙي جا منظر ڏسڻ ۾ آيا وارث اسپتال جي ڀتين سان ٽڪر هڻي پنهنجي پيارن لاءِ رڙيون ڪندا رهيا هوڏانهن ايس ايس پي ٺٽو فدا حسين مستوئي ۽ ٺٽي جي سياسي سماجي ڌريون سول اسپتال مڪلي پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ فوتين کي وارثن حوالي ڪرڻ ۾ مدد ڪندا رهيا. ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو چيو ته ڪراچي ۽ ٺٽو کان 49 ڪلوميٽرن تائين جي رستي جي تعمير هلندڙ آهي جنهن ڪري حادثو پيش  آيو آهي اعليٰ اختياريون روڊ جي فوري تعمير لاءِ جلد اپاءُ وٺن هن چيو ته ڏکوئندڙ واقعو آهي فوتين ۽ زخمين سان دلي همدردي جو اظهار ڪريا ٿو ۽ وارثن کي انصاف ڏيڻ لاءِ وين ۽ بس جي ڊرائيورن جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *