چوڌري نثار پارن پارٽي جو وقتي صدر چونڊڻ جي طريقي ڪار تي ڪاوڙ اظهار، خواجه سعد رفيق به تائيد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پارٽي جو وقتي صدر چونڊڻ واري طريقي ڪار تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ن ليگ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين راجا ظفر الحق جي صدارت هيٺ پنجاب هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وقتي صدر جي چونڊ جي طريقي ڪار تي چوڌري نثار سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته اجلاس کان اڳ پارٽي جي قائم مقام صدر جي نالي جو اعلان ڇو ڪيو ويو. هن چيو ته جڏهن سڀ فيصلا لاهور ۾ ويهي ڪرڻا آهن ته پوءِ مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. چوڌري نثار پنهنجي کٽڪا وزيراعظم اڳيان ظاهر ڪيا پر ڪنهن به پارٽي ميمبر ان موقعي تي جواب نه ڏنو، جڏهن ته خواجا سعد رفيق چيو ته چوڌري نثار درست چئي رهيو آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *