وڏو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڏي رانديگر جي ضرورت هوندي آهي: وقار يونس

پاليڪيلي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته وڏو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڏي رانديگر جي ضرورت هوندي آهي ۽ پاڪستاني ٽيم ۾ هن وقت يونس خان کان وڏو رانديگر ڪو به ناهي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ وقار يونس جو چوڻ هو ته 9 سالن کان پوءِ سريلنڪا ۾ ٽيسٽ سيريز کٽڻ جو سهرو ڪپتان مصباح الحق ۽ سندس ٽيم ڏي وڃي ٿو. پاليڪيلي ٽيسٽ ۾ پاڪستان وٽ يونس خان جھڙو مُهرو هو جنهن جي مدد سان 377 رنسن جو وڏو ٽارگيٽ ماڻيو. يونس خان ڏکئي وقت ۾ جيئن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري اهو ڪم صرف يونس ئي ڪري سگھي پيو. يونس خان ۽ شان مسعود جي ڊبل سينچري ڀائيواريءَ کان پوءِ يونس ۽ مصباح وچ ۾ 127 رنسن جي ڀائيواري ٽارگيٽ تائين پهچڻ ۾ مددگار ثابت ٿي. وقار يونس جو چوڻ هو ته سعيد اجمل کان پوءِ هر ڪو مايوس ٿي ويو هو، پر ٽيسٽ سيريز ۾ ياسر شاهه سعيد اجمل جي کوٽ محسوس ٿيڻ نه ڏني. ياسر شاهه پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي 9 ٽيسٽ ميچن ۾ ئي وڪيٽن جي ففٽي مڪمل ڪئي هئي ۽ اهڙي ڪارڪردگي ته شين وارن به پنهنجي ڪيريئر نه ڏيکاري هئي، اهڙيءَ طرح ذوالفقار بابر به وڏي بهترين بالنگ ڪرائي. هن چيو ته ون ڊي سيريز ۾ به پاڪستاني ٽيم سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي ڇو ته سريلنڪا جي ٽيم کي هارائي سگھجي ٿو ۽ جيڪي رانديگر ون ڊي سيريز جي لاءِ اچي رهيا آهن انهن کي ٽيست سيريز جي کٽڻ سان ضرور حوصلو مليو هوندو. ملڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جوچوڻ هو ته گذريل ڏيڍ سال دوران پاڪستاني ٽيم ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ آسٽريليا، سريلنڪا، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش کي هارايو آهي. جيڪڏهن رانديگرن جي ذاتي ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو وڃي ته بيٽسمينن ڪيتريون ئي سينچريون جڏهن ته بالرن به ڪيترين ئي اننگن ۾ پنج وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. اهڙي ڪارڪردگيءَ تي تبصرا ڪندڙن پاران غير ضروري تنقيد جو سبب سمجھه ۾ نه ٿو اچي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *