ميچ دوران بيٽسمين هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا هڻي بالر جا بال سان گڏ هوش به اڏائي ڇڏيا

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي رياست ڪوئنزلينڊ ۾ هڪ ميچ دوران بيٽسمين هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا هڻي بالر جا بال سان گڏ هوش به اڏائي ڇڏيا، بريز بين شهر جي ايلن هارڊ فيلڊ اسٽيڊيم ۾ بش رينجرز ۽ اين آءِ ايس وچ ۾ ميچ کيڏي وئي، بش رينجرز جي بيٽسمين مارڪس سٽونيز اين آءِ ايس جي بالر هينڊن سمٿ تي هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا هنيا. سمٿ کي ان هڪ اوور ۾ گڏيل طور 37 رنسون پيون جنهن ۾ هڪ وائيڊ بال جو اسڪور به شامل ڪيو ويو. مارڪن گڏيل طور73 بالرن تي 121 رنسون ٺاهيون. مارڪس 37 هين اوور ۾ 165جي اسڪور تي 5 هين وڪيٽ ڪرڻ تي ميدان ۾ لٿو هو. سمٿ اوور جو پهريون بال وائيڊ ڪرايو هو. ان کان پوءِ 6 بالن تي لاڳيتو 6 ڇڪا هنيا. واضح رهي ته فرسٽ ڪلاس کان وٺي عالمي ڪرڪيٽ تائين هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا هڻن جا هيل تائين صرف 4 رڪارڊ جڙيا آهن. 1968ع ۾ ويسٽ انڊيز جي بيٽسمين سر گيري فيلڊ سوبرز پهريون ڀيرو هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا هڻڻ کان پوءِ نئون رڪارڊ جوڙيو هو، گيري سوبرز کان 17 سال پوءِ 1985ع ڀارت جي بيٽسمين روي شاستريءَ بروڊا خلاف اهو رڪارڊ جوڙيِو هو. ويست انڊيز جي بيٽسمين گرس گيل به اهڙو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *