وفاقي حڪومت 19-2018 لاءِ 52 کرب کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل مالي سال ٻه هزار ارڙنهن اوڻيهه لاءِ 5 هزار 932 ارب، 50 ڪروڙ حجم جي واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي مالي سال بجيٽ جي حجم کان 16 ڏهائي 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ايندڙ مالي سال بجيٽ دوران وسيلن جوڪاٿو 4917.2 ارب رپيا آهي جيڪا ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي مالي سال جي بجيٽ ۾ 4713.7 ارب رپيا هئي، ٻه هزار ارڙنهن اوڻيهه جي بجيٽ ۾ خالص محاصل جو ڪاٿو 3070.4 ارب رپيا لڳايو ويو آهي جيڪو ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي بجيٽ ۾ 4.9 وڌيڪ آهي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبن جو حصو 2590.1 ارب رپيا رکيو ويو آهي جيڪو مالي سال ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي ڀيٽ ۾ 8.1 هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي، ايندڙ مالي سال دوران جملي خرچن جو ڪاٿو 5932.5 ارب رپيا رکيو ويو آهي، جنهن مان جاري خرچ 8780.4 ارب، جڏهن ته ترقياتي خرچ 1152.1 ارب رپيا هوندا، عوامي خدمتن تي خرچن جو ڪاٿو 3340.4 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) کان ٻاهر ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 180.2 ارب رپيا لڳايو ويو آهي جيڪو ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي بجيٽ ڪاٿي کان 18.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جو حجم 1650 ارب رپيا رکيو ويو آهي جنهن مان 850 ارب رپيا صوبن لاءِ رکيا ويا آهن، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ وفاق جو حصو 8 سئو ارب رپيا رکيو ويو آهي جنهن مان 420.4 ارب رپيا وفاقي وزارت ۽ ڊويزنن لاءِ، جڏهن ته 246.1 ارب رپيا ڪارپوريشن لاءِ، 5 ارب رپيا جٽادار ترقي جا حدف ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته 8.5 ارب رپيا زلزلي سبب نئين تعمير ۽ بحالي اٿارٽي ارا لاءِ 5 ارب رپيا، سي پيڪ منصوبن جي مثابقت جي لاءِ 10 ارب رپيا وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) جي 10 سالن جي منصوبي لاءِ رکيا ويا آهن، 45 ارب رپيا عارضي بي گهر ماڻهن جي رليف، 45 ارب رپيا سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ، جڏهن ته 10 ارب رپيا وزيراعظم جي يوٿ پروگرام لاءِ رکيا ويا آهن، ان کانسواءِ 5 ارب رپيا گيس انفرا اسٽرڪچر سيس لاءِ رکيل هوندا، خرچ پورا ڪرڻ لاءِ بينڪن کان قرض جو ڪاٿو 1015.3 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جيڪو ٻه هزار سترنهن ارڙنهن جي نظرثاني ٿيل ڪاٿن کان وڌيڪ آهي، جمعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اپوزيشن سخت احتجاج ۽ واڪ آئوٽ جي باوجود وفاقي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ پيش ڪئي، بجيٽ تقرير ڪندي هن چيو ته بجيٽ کانسواءِ هڪ ڏينهن به حڪومت نٿي هلي سگهي. هن چيو ته هيءَ بجيٽ عوامي بجيٽ آهي، حڪومت کي تباهه ٿيل معيشت ورثي ۾ ملي هئي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ترقي گهٽ هئي، هن چيو ته مئي 2013 ۾ حڪومت آئي ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پروگرام ڏنو، نواز شريف جي اڳواڻي ۾ سمورن چئلينجز کي منهن ڏنو، 5 سالن ۾ سخت محنت ڪئي، ڏکيا فيصلا ڪيا، ذاتي مفادن کي اهميت نه ڏني، ناڻي وزير ٻڌايو ته واڌ جي شرح ۾ 5.79 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل 13 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي، اڄ ملڪ دنيا ۾ 24 هين وڏي معيشت آهي، هن چيو ته موجوده مالي سال ۾ مارچ تائين ناڻي واڌ جي شرح 3.8 سيڪڙو رهي، گذريل 5 سالن دوران ٽيڪس اوڳاڙين ۾ غير معمولي واڌ ٿي، تاريخ جي سڀ کان گهٽ وياج جي شرح سبب ملڪ ۾ ترقي جا موقعا پيدا ٿيا، زرعي قرضن تي وياج جي شرح ۾ ڪافي گھٽتائي ٿي آهي، ناڻي وزير بجيٽ تقرير ڪندي ٻڌايو ته پهرين جولاءِ 2018 کان سول، فوجي ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو ايڌهاڪ رليف الائونس ڪيو ويو آهي، سمورن پينشنز لاءِ به 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، هائوس رينٽ الائونس ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، پينشن جي گهٽ مان گهٽ حد 6 هزارن مان وڌائي 10 هزار ڪئي وئي آهي، فيملي پينشنرز کي 4 هزار 5 سئو رپين مان وڌائي 7 هزار 5 سئو ڪيو ويو آهي، 75 سالن کان وڌيڪ عمر جي پينشنرز لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پينشن 15 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، اسٽاف، ڪار ڊرائيور، ڊپيج رائيڊر لاءِ اوور ٽائيم الائونس 40 رپيا في ڪلاڪ مان وڌائي 80 رپيا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سرڪاري ملازمن لاءِ گهر، موٽر سائيڪل خريد ڪرڻ لاءِ ايڊوانس جي مد ۾ 12 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سينيئر آفيسر پرفارمنس الائونس لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هن چيو ته 2013 ۾ بي آءِ ايس پي ذريعي 37 لک گهراڻن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا ويا هئا، 2013 ۾ هن پروگرام لاءِ في خاندان ٽي ماهي وظيفو 3 هزار رپيا مقرر هو پر اسان ان جي حجم ۾ هڪ سئو 13 ارب رپين تائين واڌ ڪئي، في خاندان ٽي ماهي وظيفو 4 هزار 8 سئو 34 رپيا ڪيو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فائدو وٺندڙ ڊسمبر 2017 تائين 56 لک تائين ڪيو ويو، هن سال بي آءِ ايس پي کي 124 ارب رپين تائين وڌايو ويو آهي، هن چيو ته بيوه جي قرض جي حد ساڍا 3 لکن مان وڌائي 6 لک ڪئي وئي آهي، غربت جي خاتمي لاءِ 68 ڪروڙ 80 لک رپيا رکيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته نان فائلر ڪمپني تي وڊ هولڊنگ ٽيڪس جي شرح 7 سيڪڙو مان وڌائي 8 سيڪڙو ڪرڻ جي آهي، 4 لک مان 8 لک آمدني تي هڪ هزار رپيا انڪم ٽيڪس لاڳو ٿيندو، 8 لک کان 12 لک آمدني تي 2 هزار رپيا، نالي لاءِ انڪم ٽيڪس لاڳو ٿيندو، نان فائلرز کي 40 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي جائيداد خريد ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ٽيڪس گذارن کي 3 سالن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا آڊٽ کي منهن نه ڏيڻو پوندو، پراپرٽي تي وڊ هولڊنگ ٽيڪس، خريدار جي ظاهر ڪيل ويليو تي هڪ سيڪڙو ايڊجيسٽ ايمبل ايڊوانس ٽيڪس جي تجويز آهي، هن چيو ته فرٽيلائيز مينيو فيڪچرز لاءِ ايل اين جي ٻاهران گهرائڻ تي لڳل 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪئي وئي، 3 سيڪڙو ويليو ايڊيشن ٽيڪس ختم ڪئي وئي آهي، ايل اين جي ٻاهران گهرائڻ، آر ايل اين جي سپلاءِ تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس گهٽائي وئي آهي، نان ڪارپورٽيڊ ڪيسن جي صورت ۾ وڊ هولڊنگ ٽيڪس 7.75 سيڪڙو مان وڌائي 9 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، ٽيڪس لائبلٽي جي حد 25 سيڪڙو مان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، پراپرٽي خريد ۽ وڪرو ڪرڻ، ويليو تي سودو داخل ڪرڻ جي تجويز آهي، صوبا اعلان ڪيل ويليو تي جملي هڪ سيڪڙو صوبائي ٽيڪس اسٽمپ ڊيوٽي طور، ڪيپٽيل ويليو ٽيڪس وٺندا، هن اعلان ڪيو ته قرآن پاڪ جي طباعت ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاغذ تي سيلز ۽ ڪسٽمس ڊيوٽي ختم، فلاحي ادارا، ايس آءِ يو ٽي، عزيز طبا فائونڊيشن، سيلاني ويلفيئر انٽرنيشنل ٽرسٽ ۽ الشفا آءِ اسپتال کي انڪم ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته بجلي تي هلندڙ گاڏيون گهرائڻ تي لڳل ڪسٽم ڊيوٽي 50 سيڪڙو مان گهٽائي 25 ڪئي وئي آهي، بجلي جي گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشن تي 16 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، بجلي تي هلندڙ گاڏين لاءِ 15 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي جي ڇوٽ هوندي، اليڪٽرڪ گاڏين جي اسيمبلي لاءِ سي ڪي ڊي ڪٽ 10 سيڪڙو جي رعايت تي ٻاهران گهرائڻ جي تجويز آهي، ايل اي ڊي پارٽس ۽ ڪچي مالي تي لڳل 50 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي واپس وٺڻ جي تجويز آهي، هن ٻڌايو ته سيگريٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ واڌ جي تجويز آهي، جنهن تي ٽيئر ون سگريٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 3 هزار 964 رپيا مقرر ڪرڻ، ٽيئر ٽو سگريٽ تي هڪ هزار 7 سئو 70 رپيا ۽ ٽيئر ٿري سگريٽ تي 8 سئو 48 رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي. بجيٽ دستاويز موجب جاري خرچن لاءِ 4 سئو 78 ارب رپيا رکيا ويا آهن، وفاقي حڪومت جي ترقياتي پروگرام جو حجم هڪ هزار 152 ارب ۽ هڪ ڪروڙ رپيا، جنرل پبلڪ سروس تي خرچ 3 هزار 340 ارب رپيا هوندا. دستياب وسيلن ۾ محصولن جو حصو 2590 ارب رپيا رکيو ويو آهي، دستياب وسيلن جو ڪاٿو 4713 ارب 70 ڪرڙو رپيا رکيو ويو آهي، بيروني دستياب وسيلا هڪ هزار 118 ارب رپيا رکيا ويا آهن، آهن، هن چيو ته پوليٽري فارمز تي مختلف وٽامنز ٻاهران گهرائڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي 10 مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. ٻاهران ڍڳا گهرائڻ تي 3 سيڪڙو ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، زراعت، ڊيري ۽ پوليٽري جي شعبن لاءِ رليف جي تجويز آهي، فش فيڊ تي لڳل 10 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، ڊيري فارمز جي پکين ۽ جانورن جي خوراڪ تي لڳل سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، زرعي مشينري تي سيلز ٽيڪس جي شرح 7 مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهن، هن چيو ته استعمال ٿيل ڪپڙن ۽ جوتن تي 3 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، چمڙي، ڪپڙي جي شين تي اڻ رجسٽرڊ ماڻهن لاءِ سيلز ٽيڪس 9 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، چمڙي، ڪپڙي جي شين تي 6 سيڪڙو ٽيڪس رجسٽرڊ ماڻهن لاءِ برقرار رهندي، مفتاح اسماعيل چيو ته ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر جي تياري، اسمبلنگ جي 21 پرزا ٻاهران گهرائڻ تي سيلز ٽيڪس ختم ڪئي وئي آجي، مقامي اسٽيشنري آئٽم تي زيرو ريٽنگ بحال ڪرڻ جي تجويز آهي، هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ سمنڊ جي پاڻي کي استعمال لائق بڻائڻ لاءِ پلانٽ تعمير ڪيو ويندو جنهن سان روزانو 50 ملين گيلن پاڻي فراهم ٿيندو، هن موجب وفاقي حڪومت گرين لائين لاءِ بسون خريد ڪرڻ جي به آڇ ڪري ٿي، هن چيو ته ڀاڻ جي ڪارخانن تي گيس جي فراهمي تي سيلز ٽيڪس 10 مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، هر قسم جي ڀاڻ تي سيلز ٽيڪس جي شرح 3 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جي تجويز آهي، يوريا ڀاڻ تي سيلز ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو ۽ ڊي اي پي تي هڪ سئو رپيا في ٻوري آهي، هن بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته قينصر جي سمورين دوائن تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، نظر جي عينڪ تي ڪسٽم ڊيوٽي 11 مان گهٽائي 3 سيڪڙو جي تجويز آهي، ناڻي وزير فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ 4 نقاطي پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته فلم جي سيڙپڪاري تي 5 سالن تائين انڪم ٽيڪس تي 50 سيڪڙو ڇوٽ جي تجويز آهي، غريب فنڪارن جي مالي مدد لاءِ فنڊ قائم ڪيو ويندو، هن چيو ته آپٽيڪل فائبر ڪيبل ٻاهران گهرائڻ تي ريگيوليٽري ڊيوٽي 20 مان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، آپٽيڪل فائبر ڪيبل جي ڪچي مال تي ڪسٽم ڊيوٽي 5 سيڪڙو تجويز آهي پلاسٽڪ گهرائڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي 16 سيڪڙو مان گهٽائي 11 سيڪڙو ڪرڻ جي آهي، ٽائر ٺاهڻ جي ڪچي مال تي ڪسٽم ڊيوٽي 20 سيڪڙو مان گهٽائي 16 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، ٽرانسفارمر ۾ استعمال ٿيندڙ اسٽيل شيٽ تي ڪسٽم ڊيوٽي 10 مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهن، هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت اينڊڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ايويئيشن جي ڪل 13 منصوبن لاءِ 4 ارب 67 ڪروڙ، 64 لک 87 هزار رپيا رکڻ جي تجويز آهي، هن ٻڌايو ته ٻه هزار ارڙنهن اوڻيهه لاءِ ملڪ جي دفاعي بجيٽ ۾ هڪ سئو 80 ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافو ڪيو ويو آهي، ان مد ۾ 1100.3 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *