پنهنجي ئي حڪومت کان پڇاڻو…!!

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف  گذريل ڏينهن لاهور م ڪوٺايل اجلاس ۾ چيو  هو ته ايندڙ چونڊن ۾ اها سوچ ختم ڪنداسين ته جنهن تي ڳجهيون طاقتون هونديون آهن رڳو اهي ئي اليڪشن کٽي سگهن ٿا، مسلم ليگ ن ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي زور تي ضرور ڪاميابي حاصل ڪندي.   ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ کي عزت ڏياري ويندي، پارٽي جا مخلص ڪارڪن ايندڙ چونڊن جي تياري ڪن. ملڪ ۾ ڪجهه ماڻهن جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪئي پئي وڃي، مشرف جي به خوشامد ڪئي وئي، ڇا ڪڏهن اسان ڪنهن اصول تي بيهنداسين.  پاڪستان ۾ چونڊيل نمائندن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن دل ۾ عوام جو قدر نه هجي ته منصب نه رکڻ گهرجي، احسن اقبال درست چيو ته توهان جي عزت آهي ته سياستدانن جي به آهي. اسان کي پنهنجي سوچن ۽ ذهنن کي تبديل ڪرڻو پوندو. اسان خلاف ڪيسن ۾ ڪجهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي، اهڙن ڪيسن ۽ زيادتين خلاف اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. ذاتي مفادن لاءِ ملڪ ۽ قوم جي مفادن کي قربان ڪيو پيو وڃي. اڳوڻي بنگلاديش ترقي جي ميدان ۾ پاڪستان کان اڳتي نڪري چڪو آهي، اسان کي پنهنجي جيءَ ۾ جاتي پائڻ ڏسڻ گهرجي. ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو گهر گهر پهچي چڪو آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري رهي آهي. بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ڪرنسي به پاڪستان کان بهتر آهي، اسان هڪ وک اڳتي ۽ 2 وکون پوئتي ٿيندا رهياسين ته ڇا ٿيندو. ترقي ڪندڙ ملڪ هاڻي پوئتي وڃي رهيو آهي، پرويز خٽڪ جي وات مان نڪري ويو ته کيس مٿان کان آڊر مليو، اهڙي قسم جي سياست کي روڪي ئي جديد دنيا ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ شهباز شريف ٻڌائين ته حڪومتي عملداري ڪٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *