وزير اعظم پاران آءِ ايس آءِسيڪريٽريٽ جو دورو،  آمريڪا افغانستان مان مرضي تي نڪتي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) اعليٰ قومي ۽ عسڪري قيادت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي روشني ۾ خطي ۾ ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي جمعي تي جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعطم عمران خان بلوچستان جي وفاقي وزيرن ۽ خيبر پختونخواه جي وڏي وزير سان گڏ آئي ايس آئي سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به ان موقعي تي موجود هو ڊي جي آئي ايس آئي ليفٽيننٽ جنرل حميد شريڪ ٿيندڙن جي آجيان ڪئي پڌرائي موجب اجلاس ۾ اعليٰ قيادت کي ملڪي سلامتي ۽ افعانستان جي تازي صورتحال جي حوالي سان خطي ۾ ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي وزيرااعظم عمران خان قومي سلامتي آڏو چئلينجز جي خلاف آئي ايس آئي جي پيشاوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.  ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان کي گڏجي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ طالبان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، پرامن افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي طالبان امن لاءِ آمريڪا جا پاٽنر ٿي سگهن ٿا، افغانستان ۾ انساني بحران جي خاتمي لاءِ مدد ڏيڻي پوندي. وزيراعطم عمران خان پرڏيهي مئگزين نيوزويڪ کي انٽرويوڏيندي چيو ته افغانستان ۾ بنيادي انساني سهولتن جي کوٽ آهي، آمريڪا ۽ پاڪستان کي گڏجي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ طالبان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان مان آمريڪي انخلا کان پوءِ آمريڪا جي افغانستان ۾ ساخ کي سخت نقصان پهتو آهي عمران خان چيو ته آمريڪا انساني بحران کان بچڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ آمريڪا ٻئي افغانستان مان دهشتگردي جو انت چاهين ٿا، افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن کي غير موثر ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن لاءِ آمريڪا ۽ علائقي جي سمورين طاقتن جو تعاون ضروري آهي، آمريڪي انخلا کان پوءِ افغانستان ۾ عبوري دور مشڪل آهي، سڄي پاڪستان تي طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ امن جي اميد آهي، طالبان سي پيڪ رٿائن جي آجيان به ڪئي آهي، واپار ۽ ترقياتي رٿائن جا امڪان پيدا ٿيندا. اڳوڻين حڪومتن جي ناڪامين سان افغانستان بحران جو شڪار آهي جنهن جي بحالي لاءِ ترت ڪم ڪرڻو پوندو. ھوڏانھن وزيراعظم عمران ان چيو آهي ته اڄ اسان وڏين طاقتن اڳيان جهنڪندا هئاسين هاڻي ايئن نه ٿيندو اسلامي رياست جو مطلب ڪنهن جي اڳيان جهڪڻ ناهي هوندو اسان پاڻ خوددار قوم بڻجنداسين اسان وڏا حدف حاصلڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهون ڪڏهن به پاڻ کي گهٽ نه سمجهون ڏکئي وقت مان سکون ۽ ڪڏهن به هار ناهي مڃڻي قائداعظم ۽ نيلسن منڊيلا پنهنجي ذات لاءِ سياست نه ڪئي هئي. ماڻهو سدائين قائداعظم، منڊيلا کي ياد رکندا منهنجو ڪوئي مائٽ وڏن عهدن تي نه آهي ميرٽ بنا معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي ٽن سالن کان شور ٿي رهيو آهي اسان جي حڪومت چئي رهي آهي جنهن چوري ڪئي جواب ڏي ان لاءِ ٻاهر ويهي شور ڪيو پيو وڃي طاقتور قانون کان نه بچي سگهندو. اهو نٿو ٿي سگهي ته امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون هجي اسان جي حڪومت ڪرپشن نه پئي ڪري ته اسان کي آزاد عدليه سميت ميڊيا سان ڪوئي مسئلو نه آهي 70 سيڪڙو اسان جي خلاف پروگرام ڪيا ويا چئلنج ڪرايان ٿو ته اسان جي حڪومت کان علاوه ڪنهن حڪومت ۾ ايترو ميڊيا آزاد نه هو آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ پاڪستان جهڙي هيلٿ انشورنس نه آهي هيلٿ ڪارڊ غريب گهراڻن لاءِ وڏي نعمت آهي ڊجيٽل ميڊيا ڊيولپمينٽ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي اڄ موقعا ميسر آهن پاڪستان جي تاريخ ۾ ماڻهو اهڙي طرح سان مٿي ناهن آيا، نئون آئيڊيا آهي جيڪو کپي ٿو ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ڪري نوجوانن کي ڪڏهن به اهڙي قسم جا موقعا ميسر نه هئاجيڪي اڄ آهن هن چيو ته انفارميشن ٽِڪنالوجي لاءِ ضروري آهي ته اوهان هڪ اهڙو آزاد ذهن رکو جيڪو هر وقت اڳتي وڌڻ جو سوچيندو هجي مون کان وڌيڪ باصلاحيت رانديگر موجود هئا پر مان انهن کان اڳتي ان لاءِ نڪري ويس ڇو ته مان پنهنجي حدف مقرر ڪندو هيس ته مان پاڪستان جو سڀ کان بهتر آل رائونڊر بڻجڻ پئي چاهيو پوءِدنيا جو سڀ کان بهترين آل رائونڊر بڻجڻ جو حدف مقرر ڪيو هن چيو ته اوهان کي ناهي خبر ته الله اوهان کي ڪيتريون صلاهيتون ڏنيون آهن ياد رکو ته اوهان جيترو وڌيڪ مٿي سوچيندا اوهان اوتري ئي ترقي ڪندا ۽ اوهان کي ايترو ئي ملندو جيتري اوهان محنت ۽ جدوجهد ڪندا هن چيو ته نوجوان پاڪستان جي نذريي کي فروغ ڏين جن مسلمانن کي هندستان ۾ رهڻو هو انهن به پاڪستان لاءِ ووٽ ڏنو هو ڇو ته نذريه پاڪستان اهو هو ته اسان هڪ ملڪ ٺاهينداسين جيڪا مثالي اسلامي رياست بڻجندي هن چيو ته مثالي رياست اها هوندي آهي جيڪا خوددار هجي جنهن انسانيت هجي خوددار اسلامي رياست ڪنهن جي آڏو جهنڪندي نه آهي اڄ اسان دنيا جي وڏين طاقتن اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏينداهئاسين پر هاڻي اسان جو خودداري جو جيڪو مقصد آهي ته اسان ايئن نه ڪنداسين عمران خان چيو ته خيبرپختونخواه ۾ هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس اچي وئي آهي هڪ غريب گهراڻو ڪنهن به اسپتال ۾ 10 لک رپين تائين علاج ڪرائي سگهي ٿو ترقياتي ملڪن ۾ به سڀ کي هڪ جيتري هيلٿ انشورنس ناهي هاڻي اسان وٽ ايترا وسيلا نه آهن پر اسان ان سفر تي نڪري پيا آهيون ته اسان پنهنجي ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پهريان سرڪاري ميڊيا کي پروپيگنڊا لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو ماڻهن جا اربين رپيا چوري ڪري ٻاهر کڻي ويا ۽ انهن جو مقصد اهو ئي هوندو هو ۽ اهي ميڊيا کي رشوت ڏيندا هئا ته جيئن انهن جي چوري لڪي سگهي جڏهن ته عدليه ۾ به ماڻهن کي رشوت ڏيندا هئا ته جيئن انهن جا ڪيس نه ٻڌا وڃن ڇو ته انهن وٽ لڪائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هو عمران خان نوجوانن کي چيو ته اهي نئين آئيڊيا جو سوچين ڇو ته انساني تاريخ ۾ نوجوانن کي ڪڏهن به ايترا وسيلا ميسر نه هئا جو 25-25 سال جا ڇوڪرا ارب پتي بڻجي ويا ۽ انهن پنهنجا ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيا. تنهنڪري اسان جي حڪومت به اوهان کي سهولتون فراهم ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *