معين علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽر معين علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ موجب آل رائونڊر معين علي هاڻ رڳو وائيٽ بال ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهي ٿو.64 ٽيسٽ ميچن ۾ 2 هزار 914 رنسون ٺاهيندڙ ۽ 195 وڪيٽون وٺندڙ معين علي جو چوڻ آهي ته مان وڌيڪ عرصو ڪرڪيٽ کيڏڻ جو خواهشمند آهيان.سندس موجب ملڪ جي نمائندگي مون لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، مان ڀرپور سهڪار تي پنهنجي ڪوچن، گهر ڀاتين جو ٿورائتو آهيان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *