وزيراعظم 31 مارچ تي نيويارڪ وڃي رهيو آهي، اميد ته اتي پاڪ ڀارت وزيراعظمن جي ملاقات ٿيندي: سراج عزيز

کٽمنڊو(م.ڊ) سرتاج عزيز، ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج سان ملاقات ڪري سارڪ ڪانفرنس ۾ وزيراعظم نريندر موديءَ کي شرڪت جي دعوت ڏني نيپال جي شهر پوکارا ۾ ٿيل ملاقات دوران پٺاڻ ڪوٽ واقعي جي جاچ ۽ خطي جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.ان موقعي تي سرتاج عزيز، سشما سوراج کي وزيراعظم ميان نوازشريف طرفان پنهنجي ڀارتي هم منصب کي سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوت نامو به ڏنو.سرتاج عزيز، نيپال، ڀوٽان ۽ مالديپ کي به هلندڙ سال پاڪستان ۾ ٿيندڙ سارڪ ڪافرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سرتاج عزيز چيو ته سشما سوراج سان خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي.هن چيو ته ملاقات دوران پاڪ ڀات لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، نئين اڳڀرائيءَ جا هاڪاري نتيجا نڪرندا.سرتاج عزيز چيو ته وزيراعظم ميان نوازشريف 31 مارچ تي نيويارڪ وڃي رهيو آهي، اميد ته اتي پاڪ ڀارت وزيراعظمن جي ملاقات ٿيندي.سشما سوراج جو چوڻ هو ته سرتاج عزيز سان ملاقات ۾ پٺاڻ ڪوٽ واقعي جي جاچ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.هن چيو ته پٺاڻ ڪوٽ واقعي سبب ٻنهي ملڪن جي قيادت وچ ۾ رابطن ۾ دير ٿي آهي.سشما سوراج چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ پاڪستان جي جاچ ٽيم 27 مارچ تي ڀارت پهچندي ۽ 28 مارچ کان پنهنجو ڪم شروع ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *