ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت نه ٺهڻ گهرجي، تڪراري رٿا سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ صوبي مان گم ٿيل 32 ماڻهن جي ڳولا لاءِ ٻين صوبن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گهرو سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته گم ٿيلن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي. ڪراچي ۾ گهرو سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ سنڌ مان گم ٿيل 32 ماڻهن بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ لاڙڪاڻي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر، ميرپورخاص ۽ ڊي آءِ جيز سميت حساس ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ٻين صوبن سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي گهرو سيڪريٽريءَ جو چوڻ هو ته صوبائي گهرو سيڪريٽري چيو آهي ته سنڌ مان گم ٿيل 32 ڄڻن مان خالد شميم جو پتو پيو آهي، جيڪو سرڪاري حراست ۾ آهي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ٻين صوبن سان رابطو ڪيو ويندو، جڏهن ته جي آءِ ٽي پڻ جوڙي وئي آهي. اجلاس دوران پوليس رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهو وٽن نه آهن. ٻئي طرف ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت نه ٺهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان رٿا سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي. اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جا ماڻهو وزيراعظم جي گهوٽڪي واري اعلان جا منتظر آهن. سندس چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم تڪراري رٿا آهي، جنهن کي ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن. هن چيو ته فلڊ ڪنٽرول کاتو وفاق جي ماتحت آهي، خرچ به اهو برداشت ڪري. سندس چوڻ هوته مصطفيٰ ڪمال جي الزام ايم ڪيو ايم جو اندروني معاملو آهي، انيس قائمخاني هجي يا ٻيو ڪو، ڪنهن ڪيس ۾ ملوث هجي ته گرفتار ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *