ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سنڌ حڪومت انساني سرمائي، غربت جي خاتمي، ڏڪار تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سندس حڪومت انساني سرمائي، غربت جي خاتمي، ڏڪار، روينيو موبلائيزيشن ۽ اقتصادي سڌارن تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي ساڻس گڏ آپريشنز مئنيجر ميلنڊا گڊ ۽ سينئر آپريشن آفيسر آمنه راجا پڻ هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ناصر شاهه، اويس شاهه، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صوبائي سيڪريٽري نجم شاهه، ڪاظم جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ 3.25 بلين رپين جي 18 منصوبن تي بحث ڪيو ويو جن ۾ 1.64 بلين ڊالر جاري ۽ 1.605 بلين ڊالر پائيپ لائين ۾ آهن. وڏي وزير چيو ته موجوده مالي سال دوران 5 منصوبا بند ٿيڻا هئا جن ۾ 86 ملين ڊالرز جو سنڌ ايگريڪلچرل گروٿ پروجيڪٽ، 76 ملين ڊالرز جو سنڌ ايريگيشن ايگريڪلچر پروڊيڪٽيوٽي انهيسمنٽ پروجيڪٽ، 50 ملين ڊالرز جو پبلڪ سيڪٽر مينجمينٽ ريفارم، 187 ملين ڊالرز جو سنڌ انهيسڊ ريسپانس ٽو رڊيوز اسٽنٽنگ ۽ 86 ملين ڊالرز جو ڪراچي نيبرهڊ امپروومينٽ پروگرام (ڪي اين آئي پي) شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته ورلڊ بينڪ 461 ملين ڊالرز رپيا جاري ڪرڻ جو پابند آهي جن مان هيستائين 267.7 ملين رپيا جاري ڪيا ويا ۽ باقي 193.33 ملين رپيا اڃان جاري ٿيڻا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهي منصوبا هن سال 2021 جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندا تنهنڪري انهن کي مالي امداد جي لحاظ کان ترجيح ڏني وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي بينڪ سان شراڪت ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن ۾ سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن، ڪلاس روم ٽرانسفارميشن ذريعي سنڌ ۾ ارلي وارننگ انهيسمنٽ شامل آهن. مراد علي شاهه ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر تي زور ڀريو ته هو پنهنجي ڪاغذي ڪارروائين کي تيز ڪري ته جئين اهي منصوبا ايندڙ مالي سال کان شروع ٿي سگهن. سنڌ ريزيلنس پروجيڪٽ (ايس آر پي) بابت ڳالهائيندي چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم چيو ته ڪم جي دائري کي شامل ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل پروجيڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي جيڪا ايڪنڪ (ECNEC) پاران منظور ٿيڻ جي ضرورت آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اهم گندن نالن جي ڀرپاسي حددخلين جون سرگرميون جاري آهن. محمود آباد نالي کي صاف ڪيو ويو آهي ۽ گجر ۽ اورنگي نالن وٽان حددخلين جو خاتمو جلد شروع ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن ورلڊ بينڪ جي سوشل ترقياتي ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ 4 فيبروري 2021 تائين سڄي شهر ۾ ترقي لاءِ ٻيهر آبادڪاري ۽ بحالي جي فريم ورڪ بابت هڪ ورڪنگ گروپ کي ڄاڻ ڏني آهي. ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنرز / ڪي ايم سيز جا عهديدار، ايڊمنسٽريٽرز ۽ روينيو آفيسر پهريان ئي ورلڊ بينڪ سان ڪم ڪري رهيا آهن. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو آهي ته هن وقت 1.64 بلين ڊالر جي پورٽ فوليو ۾ کيس  12 منصوبا فعال ۽ جاري آهن جڏهن ته 1.605 بلين ڊالرز جي 6 منصوبن جو پورٽ فوليو پائيپ لائين ۾ آهي. ورلڊ بينڪ جي چيف وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته رڪيل رقم جلد جاري ڪئي ويندي ته جيئن جاري منصوبا وقت تي مڪمل ٿي سگهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *