پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 46 ڄڻا فوت، 1644 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 46 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 1644 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ڪورونا جا انگن اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ڪورنا وائرس جون 43381 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جنهن مان 1644 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 46 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 11560 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 5 لک 41031 تائين پهچي ويا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جوا نگ 32726 آهي. ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2167 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 96745 ٿي ويو آهي. سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 244340 ٿي ويو آهي جڏهن ته 3969 ڄڻا هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. پنجاب ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو انگ 156404 آهي ۽ 4681 ڄڻا ان وائرس ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو گڏيل انگ 18798 ۽ فوتگيون 194 ٿي چڪيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ ڪوروناجي مريضن جو انگ 66451 ۽ 1879 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8953 ڄڻا ان وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ 259 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا جي مريضن جو انگ 4909 ۽ 102 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.ا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *