هڪ سال ۾ پيٽروليم شين جي مد ۾ 206 ارب 28 ڪروڙ ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف

اسلا آباد (م.ڊ) وفاقي سرڪار اعتراف ڪيو آهي ته هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين ۾ ٽئڪسز جي مد ۾ عوام جي کيسي مان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ڪڍيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوال جوابن جي وقفي دوران حڪومت طرفان پيٽرول جي اگهن جي حوالي سان جواب ڏنو ويو. جنهن ۾ حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته حڪومت هڪ سال دوران پيٽروليم شين ۾ ٽئڪسز جي مد ۾ 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا عوام جي کيسي مان ڪڍي ورتا. پيٽروليم کاتي جي وفاقي وزير عمر ايوب طرفان جواب ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ڊيزل تي في لٽر 45 رُپيا 75 پئسا جي حساب سان عوام کان ٽئڪس اوڳاڙي رهي آهي، جڏهن ته پيٽرول تي 35 رُپيا، گاسليٽ تي 20 رُپيا ۽ لائيٽ ڊيزل تي 14 رُپيا 98 پئسا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس اوڳاڙيو پيو وڃي. قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هڪ سال دوران تيل جي اگهن ۾ 17 ڀيرا تبديلي ڪئي وئي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪئي وڳئي آهي. جواب ۾ عالمي سطح تي تيل سستو ٿيڻ واري ڳالهه کي رد ڪيو ويو ۽ حڪومت چيو آهي ته اهو چوڻ صحيح نه آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ مهانگو ڪيو پيو وڃي، عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ ڪڏهن گهٽتائي ۽ ڪڏهن اضافو ٿيندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *