وزيراعظم چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ ذريعي متبادل نظام هلائڻ چاهي ٿو، ائين ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌ سرڪار

 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وزيراعظم چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کي وٺي ڪري متبادل نظام يا حڪومت هلائڻ چاهي ٿو جيڪا اسين نه ڪرڻ ڏينداسين وزيراعظم کي اگر ڪجهه خدشا آهن ته ان لاءِ ڳالهيون ڪيون وڃن پر اسان جو وزيراعظم، وزيراعليٰ سان ملڻ پسند ناهي ڪندو ان وٽ پنهنجي اتحادين جي ايم پي ايز سان ملڻ جو وقت آهي پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي به اڄ ميٽنگ هئي ۽ اهو طئي ٿيو هو ته سيفٽي ڪميشن جي ميٽنگ هر مهيني جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي پر اڄ تائين ميٽنگ ناهي ٿي اهڙن خيالن جو اظهار هن  سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته ٻين ملڪن ۾ پوليو ختم ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ وڌي رهيو آهي وزيراعظم جي نظر ۾ پوليو جي ڪا اهميت ناهي اسان سنجيدگي سان پوليو جو خاتمو چاهيون ٿا  هن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 5 سالن ۾ ايترو قرض ناهي ورتو جيترو وفاقي سرڪار هڪ سال ۾ ورتو آهي اسان پهريون کان ئي چوندا اچون هاڻوڪا حڪمران عوام جي ذريعي ناهن آيا پر مڙهياويا آهن هڪ سوال جي جواب هن چيو ته چيئرمين نيب جي خلاف ان لاءِ ٻڌڻي نه پئي ٿئي جو چيئرمين جو ڪيس وفاقي سرڪار وٽ ڦاٿل آهي جيڪڏهن پرويز خٽڪ، اسد قيصر، حسنين مرزا زلفي بخاري ۽ ٻين کي جيل ۾ وڌو ويندو ته اسان کي لڳندو نيب ڪارروائي ڪري رهيو آهي نيب پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نون تائين محدود رهجي ويو آهي  بي آر ٽي تي جانچ ٿيندي آهي ته چوندا آهن ته چيئرمين نيب اسان کي روڪي ڇڏيو آهي بي آر ٽي لاءِ جيڪڏهن فيصلي کان روڪيو ويو هو ته پشاور هائي ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي. هڪٻئي سوال تي هن چيو ته دعا منگي جي مسئلي تي ڳالهه ٿيڻي هئي ۽ ڪجهه ڳالهيون سامهون آيون آهن جنهن کي هن وقت ٻڌائڻ سان جانچ ۾ منفي اثر پوندو اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ مدرسته الاسلام جي اسٽوڊنٽ ڪونسل جي نون چونڊيل عهديدارن جي تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته درس گاهه ان لاءِ به انتهائي اهميت جي حامل آهي ته هتي قائداعظم محمد علي جناح تعليم حاصل ڪئي قائداعظم محمد علي جناح ئي سنڌ مدرسته الاسلام کي ڪاليج جو درجو ڏنو هن چيو ته جڏهن قائداعظم هتي آيو ته ڪجهه جذباتي ٿي ويو هو هن پنهنجي جائيداد جو ٽيون حصو سنڌ مدرسي جي نالي ڪيو. سعيد غني پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته اها سٺي روايت آهي ته ان جامع ۾ اسٽوڊنت ڪونسل جي چونڊون  منعقد ٿيون اسٽوڊنٽ ڪونسل جي ذريعي شاگردن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو آهي هن وڌيڪ چيو ته جامعات ۾ شاگرد تنظيمن تي پاپندي لڳائڻ کان پوءِ به جامعات جون حالتون بهتر نه ٿيون کاتي ۾ خرابي جيڪري کاتا ختم نٿا ڪري سگهجن پر بهتر ڪري سگهجن ٿا هن چيو ته عدالتن جو نظام بهتر بڻائي سگهون ٿا ختم نٿا ڪري سگهون سعيد غني چيو ته جامعات ۾ موجود خرابين جي ڪري شاگرد ڪونسل ختم نٿي ڪري سگهجي سعيد غني چيو ته سياستدانن جي سکڻ جي جڳهه اسٽوڊنٽ يونين هوندي آهي پر اسان وٽ بدقسمتي سان شاگرد يونين ۽ ٽريڊ يونين تي پابنديون لڳيون اطلاعات واري وزير چيو ته 2015 ۾ پهريون ڀيرو پارٽي بنيادن تي چونڊون ٿيون ان ملڪ کي بهتر بڻائن سياستدانن جو ڪم آهي ۽ سياست ڪرڻ برو ڪم ناهي هن وڌيڪ چيو ته بري ڪم جي مثال سياست مان ڏني ويندي آهي جيڪا صحيح ناهي هن چيو ته مان وڏيون مشڪل حالتون ڏٺيون آهن اسان جي گهر فاقا به ٿيا آهن سياست ۾ اگر سٺي ماڻهن کي روڪيو ويندو  ته برا ماڻهو ايندا هن چيو ته اگر سعيد غني وزير ۽ سينيٽر بڻجي سگهي ٿو ته ان جو مطلب ڪو به بڻجي سگهي ٿو ۽ اڄ جي نوجوانن وٽ مون کان وڌيڪ موقعا ميسر آهن وائس چانسلر سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي محمد علي شيخ تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته سمورن منتخب ميمبرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو هڪ سخت مقابلي کانپوءِ منتخب ميمبر کٽيا آهن اسان جا شاگرد ثقافت ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جا نگران آهن هن چيو ته مان وائس چانسلر  جامعه ڪراچي جي دور ۾ شاگردن جي ويڙهه ۾ ڪيترائي شاگردن کي زخمي ۽ وفات ڪندي ڏٺو جنهن کانپوءِ شاگرد يونين جو نظام ختم ڪيو ويو هو هن چيو ته اسان هڪ اهڙو نئون سسٽم آڻن چاهيون ٿا جنهن سان شاگردن ۾ ليڊر شپ جو شوق پيدا ٿئي هن ٻڌايو ته شاگرد ڪونسل جا پنهنجا اڪائونٽس آهن جن جي فنڊنگ کين مدرسته الاسلام پاران ڪئي ويندي آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي تاريخ ۾ پهريوپن ڀيرو چونڊيل اسٽوڊنٽ ڪونسل جو انعقاد يقيني بڻايو آهي اسان کي ماضي مان به ڪجهه سکڻ گهرجي ان کانپوءِ اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني اسٽوڊنٽ ڪونسل جي سال 2019.20 جي عهديدارن کان قسم ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *