هوشياري ڪردارڪشي ڪئي وئي ته سڄو ڪچو چٺو کولي ڇڏيندس: آصف زرداري

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته جنهن ڏينهن هو اٿي کڙو ٿيو صرف سنڌ جا رستا ئي نه ڪراچي کان خيبر تائين سڀ ڪجهه بند ڪري ڇڏينداسين. اسلام آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي قبائلي علائقن جي عهديدارن کي قسم کڻائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته کين تنگ نه ڪيو وڃي، هو سخت جواب ڏيندا. آصف زرداري چيو ته هو رستن تي نڪتو ته سڀ ڪجهه ٺپ ٿي ويندو. هن چيو ته محترما بينظير ڀٽو جي شهادت تي هن چيو هو ته پاڪستان کپي ، پر صبر جي حد ٿيندي آهي. هن چيو ته سندن معاملن ۾ سڌي مداخلت ڪئي پئي وڃي.هنن وٽ لسٽون ته اسان وٽ به آهن. هن چيو ته آر او اليڪشن ئي سهي پر ملڪ ۾ جمهوريت ته آهي. آصف زرداري چيو ته هن کان طاقت ذريعي ورتل وزير اعظم جي ڪرسي سان ڪو به مطلب ناهي. هن چيو ته سياسي اداڪارن پرويز مشرف کي به کٽرايو هو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سدائين سياست ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي. زرداري چيو ته هن مشرف جي دور ۾ 5 سال جيل ۾ گذاريا،پر مشرف ٽي مهينا به جيل ۾ رهڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته مشرف کي به خبر ناهي ته ملڪ کي ڪهڙا خطرا آهن. هن چيو ته بي آءِ ايس پي جو مقصد اٽو، لٽو ۽ اجهو ئي هو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن کي ٻيهر پاور پاليٽڪس جون امنگون اڀرندي نظر اچن پيون. هن چيو ته هن جو سياست سان نه پر عوام جي خدمت سان واسطو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جهڙي به آهي پر جمهوريت ته آهي. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪپتان سان گڏ استعيفيٰ ڏيون ها ته ٻيهر چونڊون ٿي وڃن ها. اڳوڻي صدر چيو ته سياسي اداڪار پاڻ ارب پتي بڻجي سياست بدلڻ گهري ٿو. هن چيو ته جنهن ڏينهن هنن لسٽ ڏيکاري ته پوءِ جرنيلن جو ڇا ٿيندو. آصف زرداري چيو ته سندن ڪردار ڪشي بند نه ڪئي وئي ته جرنيل جي پت وائکي ڪنداسين. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين چيو ته فوج سندن ادارو آهي، انهن کي فقط 3 سال رهڻو آهي. هو هر معاملي ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هنن وٽ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي نه ڪڏهن وڪامبا ۽ نه وڪيا آهن. زرداري چيو ته سينيٽ جي چونڊ دوران وفاداري تبديل ڪرڻ عيوض آخوند زادهه چٽان کي 24 ڪروڙ رپيا آڇيا ويا هئا.پر هو نه وڪاميو. هن خبردار ڪيو ته کين تنگ نه ڪيو وڃي ،هو ملڪ ٺهڻ کان وٺي جرنيلن جو اڇو چٺو پڌرو ڪندو. هن چيو ته جنگ ڪرڻ ڪنهن ٻئي کي نه صرف کين ايندي آهي. هن اهم ڌر ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته بندش پيل تنظيمون ڪنهن جي اشاري تي اينديون رهيو آهن، ان جي کين خبر آهي. هن چيو ته جن جيل جو گرم پاڻي ناهي پيتو، انهن کي جمهوريت جو ڪهڙو قدر؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *