وفاقي حڪومت پاران پرڏيهي اين جي اوز جي ٽن مهينن اندر رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ لاڳاپيل قانون جي تابع آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي اين جي اوز جي ٽن مهينن اندر رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ کين لاڳاپيل قانون جي تابع آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي اين جي اوز جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاون طارق فاطمي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪنهن به پرڏيهي اين جي اوز کي 6 مهينن تائين ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو، سمورين اين جي اوز کي ٽن مهينن اندر رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اين جي اوز لاڳاپيل اٿارٽي کان اجازت ورتل معاملن تي ئي ڪم ڪري سگهنديون. اجلاس ۾ اين جي اوز جي مانيٽرنگ جو طريقڪار به واضح ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم جي خصوصي معاون طارق فاطمي جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي جيڪا اين جي اوز جي نگراني ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *