ن ليگ جو 31 آڪٽوبر تي آزادي مارچ ۾ شرڪت جو اعلان

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) نواز ليگ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت استيعفيٰ ڏئي، اُن کانپوءِ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان شهباز شريف جي مانجهاندي واري دعوت تي ماڊل ٽائون پهتو، جتي شهباز شريف جي گهر ۾ ملاقات به ٿي، اُن موقعي تي نواز ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب، احسن اقبال، رانا تنوير ۽ جي يو آءِ ف طرفان اڪرم دُراني سوڌو ٻيا اڳواڻ موجود هئا. ملاقات ۾ آزادي مارچ ۽ سياسي تحريڪ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا، جڏهن ته شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نياپو مولانا فضل الرحمان تائين پهچايو. ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ميڊيا سان گڏيل ڳالهيون ڪيون.  اُن موقعي تي شهباز شريف اعلان ڪيو ته نواز ليگ جي يو آءِ ف جي آزادي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي، هو 31 آڪٽوبر تي مارچ ۾ شامل ٿيندا ۽ پنهنجا مطالبا پيش ڪندا. اُن ڏينهن تي ڪشميرين جي حق لاءِ به آواز اُٿاريو ويندو. هُن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ختم ٿي چڪي آهي، مهانگائيءَ چوٽ چڙهيل آهي، ڪاروبار بند آهي ۽ اسپتالن ۾ دوائو نٿيون ملن، اهو سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ حڪومت جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۾ شرڪت جي حوالي سان نواز شريف جون لکت ۾ هدايتون ملي چڪيون آهن، اڳتي جي لائحه عمل جو به جلدي اعلان ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهين دوران سوالن جا جواب ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آزادي مارچ جي موقعي تي لکن جي تعداد ۾ لاڻهو اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا، حڪومت پهرين استعيفيٰ ڏئي، اُن کانپوءِ ئي اڳتي لاءِ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *