پاڪ فوج بهترين سکيا ۽ فزيڪل فٽنيس وارو ادارو آهي: جنرل قمر جاويد باجوه

ڪراچي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج بهترين تربيت ۽ فزيڪل فٽنيس وارو ادارو آهي، اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ پيسز جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪراچي جو دورو ڪيو ان موقعي تي هن پيسز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ آرمي چيف گيريزن آفيسرن کي خطاب ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف خطاب ۾ چيو ته جديد عسڪري ٽيڪنالاجي جي باوجود ويڙهاڪ مهارتون اهميت واريون آهن، ويڙهاڪ مهارتن لاءِ تربيت ۽ فزيڪل فٽنس اهم آهي، آرمي چيف مهارتن جو مظاهرو ڪندڙ جوانن کي انعام ڏنا، تقريب ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽينٽ جنرل همايون عزيز به آرمي چيف سان گڏ هو، گجرانوالا ڪور جي ٽيم چئمپين شپ کٽي، انجنيئر سينٽر جي ٽيم نوجوانن جي سپاهين جي چئمپين شپ کٽي، ان موقعي تي آرمي چيف تربيتي مشقن جي ميڪانڪي فارميشن جو جائزو ورتو ۽ آفيسرن سان جنگي ماحول، چئلينجز ۽ رد عمل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *