نيو سعيد آباد ڀرسان هالا برانچ ۾ وهنجندي 3 نينگريون ٻُڏي فوت

نيوسعيداباد( رپورٽر )نيوسعيد آباد کان 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ ھوت سيال ۾ اتان گذرندڙ ھالا برانچ شاخ ڀرسان راند ڪندي سيال برادري جون ٽي معصوم نياڻيون نندا ڌيء عبدالغفور سيال عمر 10 سال۔شمائلا ڌيء محبوب سيال عمر 9 سال ۽ غزالا ڌيء حاڪم سيال عمر 8 سال پير کسڪڻ ڪري شاخ ۾ ڪري پيون ۽ ٻڏي مري ويون ڳوٺ وارن اڌ ڪلاڪ جي جدوجهد بعد ٽنهي نينگرين جا لاش  ڪڍي ورتا اطلاع تي ڊي سي مٽياري پرويز بلوچ۔اي سي سعيدآباد سيد عمار حيدر۔ڊي ايس پي رسول بخش سيال واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال نيوسعيد آباد پهچايا جتي ڊي ايڇ او مٽياري ڊاڪٽر امتياز ڪاڪا  ايم ايس ڊاڪٽر نظام ميمڻ وومين ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ثمينا ڪاڪا لاشن جي ضروري چڪاس بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ان موقعي تي ڊي سي مٽياري ٽنهي فوتي نياڻين سان ملي انهن کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ انهن جي ذاتي طور مالي سهائتا ڪئي هن مائٽن کي يقين ڏياريو ت وڌيڪ مدد لاء حڪومت سنڌ کي لکندو ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي سي مٽياري چيو ت ايريگيشن کاتي جا شاخن تي چڪاس  لاء عملو مقرر ٿيل آھي مگر هن واقعي وقت موجود ن هئڻ جو اطلاع آھي انهن جي غير موجو دڳي جو نوٽيس ورتو ويو آھي انهن خلاف ب رپورٽ اعلا حڪام کي موڪلي ويندي هوڏانهن هيڏو سانحو ٿيڻ باوجود ڪوب چونڊيل توڙي بلدياتي نمائندو ن پهچڻ تي ماڻهن سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو رات دير سان ٽنهي نياڻين کي آھن ۽ سڏڪن سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو پوري علائقي ۾ ڏک واري فضا هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *