حڪومت بجيٽ ۾ ايتري ته مهانگائي ڪئي آهي جو عام ماڻهو جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته اسان مهانگائي، بيروزگاري ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي جي خلاف هر وڏي شهر ۾ عوامي مارچ ڪنداسين 23 جون تي فيصل آباد ۾ عوامي مارچ ٿيندو اسان ملڪ ۽ قوم کي آءِ ايم ايف جي غلامي مان آزاد ڪرائڻ ۽ مهانگائي، بيروزگاري جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون وزيراعظم اڳوڻين حڪومتن جي 10 سالن جي قرضن جو ضرور حساب ڪتاب ڪري پر ان کي 10 مهينن ۾ جيڪي قرض ورتا آهن انهن جو به حساب ڏيڻ گهرجي اسلام آبادج يقبرستانن ۾ پيل بي ضمير مردن جو به احتساب ضروري آهي. چونڊيل اسيمبلي ميمبر اسد عمر کي ناڻي وزارت تان هٽائي آءِ ايم ايف جي نمائندي کي لڳايو ويو آهي ۽ خزاني جون چاٻيون به آءِ ايم ايف ايجنٽ حوالي ڪيون ويون آهن سموري بجيٽ وياجي نظام تي ٻڌل آهي 28 – 28 ارب رپيا وياج ڏيڻ تي خرچ ٿيندا وياج پاڪستان کي کائي رهيو آهي ۽ ان جو مقصد ئي وياجي قرضن ۾ جڪڙي اسان کان آزادي کسڻ آهي وزير سائنس غربت ۽ بک سبب پريشان ماڻهن کي فلمون ڏيکارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته 11 سئو سئنيما گهر ٺاهينداسين ائين لڳي ٿو ته حڪمرانن کي شرم، حياءَ ۽ لڄ نالي ڪا به شيءِ ناهي اهڙن خيالن جو اظهار هن مال روڊ لاهور تي مهانگائي، بيروزگاري ۽ آءِ ايم ايف جي غلاميءَ خلاف جماعت اسلامي لاهور جي اهتمام هيٺ وڏي عوامي مارچ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي امير العظيم، نائب امير ڊاڪٽر فريد احمد پراچه، عبدالغفار عزيز ۽ قيصر شريف به موجود هئا عوامي مارچ کي امير جماعت اسلامي لاهور ذڪرالله مجاهد به خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *