نيوزيلينڊ جي سرزمين تي ڪيريئر جي آخري ميچ کيڏي رهيو آهيان،جنهن کي يادگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس:شاهد آفريدي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهد خان آفريدي جو چوڻ آهي ته جمعي ڏينهن نيوزيلينڊ جي سرزمين تي کيڏي ويندڙ ٽي ٽوئنٽي ميچ منهنجي آخري ميچ هوندي، ان لاءِ رانديگرن کي ۽ خاص ڪري بالرن کي هدايت ٿو ڪيان ته منهنجي آخري ميچ يادگار بڻائين، سخت محنت سان ميچ کٽي سيريز به کٽينداسين،ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ ۾ ڪيريئر جي آخري ميچ کيڏي رهيو آهيان ۽ انهيءَ ميچ کي يادگار بڻائڻ چاهيان ٿو، بالر خاص ڌيان ڏين،سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ميچ ۽ سيريز کٽڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين.جڏهن ته پاڪستان ۽ نيوزلينڊ وچ ۾ سيريز جي آخري ميچ جمعي ڏينهن کيڏي پئي وڃي جنهن جي باري ۾ قومي ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ جي گرائونڊ تي ڪيريئر جي آخري ميچ کيڏي رهيو آهيان، جنهن کي يادگار بڻائڻ چاهيان ٿو.يادد رهي ته ڪپتان شاهد آفريدي ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِٰ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *