پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ فيصلائتي ٽي- 20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ اڄ کيڏي ويندي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) )پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ فيصلائتي ٽي -20 انٽرنيشنل ميچ (اڄ) جمعي تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي، باچا خان يونيورسٽي چارسده سانحي سبب پاڪستان جيٽيم ڪاريون پٽي ٻڌي ميدان ۾ لهندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي، آڪلينڊ ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ گرين شرٽس 14 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ٻئين ميچ ۾ بليڪ ڪيپس شاندار ڪم بيڪ ڪيو ۽ ميچ 10 وڪيٽن تان کٽي سيريز برابر ڪئي، ميچ ڊي نائيٽ هوندي ۽ پاڪستاني وقت موجب صبح جو 11 وڳي شروع ٿيندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *