نواز شريف هر مرحلي تي اسان کي وڪرو ڪيو، هاڻي سندس ساٿ نه ڏينداسين: آصف زرداري

لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نوازشريف مون کي هر موقعي تي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهائي پاڻ وڃي هٿ ملايو مان مشرف جي مواخذي جو اعلان ڪيو ته نوازشريف پوئتي هٽي ويو اينٽ سان اينٽ وارو بيان به نوازشريف جي اهڙي چال ۾ اچي ڏنو هو سنڌ ۾ نيب ۽ ٻين ادارن سان ڪارروايون به نوازشريف جي چوڻ تي ٿيون نوازشريف هاڻي ڀوڳي هاڻي ڪنهن به صورت ساڻس هٿ نه ملائيندس ميڊيا رپورٽ مطابق آصف علي زرداري نوازشريف کان وڇوٽين جو تفصيل سينيئر پارٽي اڳواڻن آڏو رکي ڇڏيو هن چيو ته نوازشريف پنهنجي ويجهي آفيسر جي ذريعي مون ڏانهن مختلف پيغام اماڻيندو رهيو اسان نوازشريف کي جيترو سادو سمجهون ٿا هو ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ موقعي پرست آهي اسان سويلين بالادستي جي نيت سان نوازشريف جي سڏ ۾ سڏ ڏيندا رهياسي اسان سياست ۽ نوازشريف تجارت ڪندو رهيو نوازشريف اسان کي هر موقعي تي وڪرو ڪيو مان سياست کان هٽي نوازشريف سان سماجي لاڳاپا رکڻ چاهيان پيو پر هن منهنجي نيڪ نيتي جو ناجائز فائدو ورتو هن نوازشريف کان وڇوٽين جا راز کوليندي ٻڌايو ته نوازشريف پرويز مشرف تي غداري جو ڪيس ٺاهيو ته اسان ساٿ ڏنو نوازشريف يقين ڏياريو ته هو پرويز مشرف کي وڃڻ نه ڏيندو مان مشرف کي وڃڻ نه ڏيڻ جو بيان ڏنو ته نوازشريف کيس ٻاهر اماڻي ڇڏيو خبر پئي ته نوازشريف مون کي يقين ڏيارڻ کان اڳ مشرف سان ڊيل ڪري چڪو هو اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته اينٽ سان اينٽ وارو بيان به نوازشريف جي اهڙي چال ۾ اچي ڏنو هو آصف زرداري چيوت ه منهنجي بيان مان فائدو وٺي نوازشريف رائيل شريف سان معاملا سڌا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نوازشريف پنهنجي ويجهي آفيسر ذريعي مون کي ورغلائيندو رهيو اسان نوازشريف کي جيترو سادو سمجهون ٿا هو ايترو .ئي چالاڪ ۽ موقعي پرست آهي هن چيو ته اسان جمهوريت آئين ۽ سويلين بالادستي جي نيت سان ان جي سڏ ۾ سڏ ڏيندا رهياسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *