نواز شريف-جان ڪيري ملاقات، وزير اعظم ڀارتي اڳرائي جا ثبوت آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيا

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۽ سماجي اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري يقين ڏياريو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جاري رکندو، آپريشن ضرب عضب جون ڪاميابيون واکاڻ جوڳيون آهن، آمريڪا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪندو رهندو، پاڪستان جو افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت جي حوالي سان ڪردار اهم آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف اهو عزم ورجايو آهي ته پاڪستان جي زمين تان دهشتگردي ختم ڪئي ويندي، پاڪستان ڀارت سان لاڳاپا معلوم تي آڻڻ چاهي ٿو ۽ خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ پاڪستان ڀارت جي ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث هئڻ بابت ثبوت به آمريڪا حوالي ڪيا ويا آهن، ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل بيان مطابق جان ڪيري اربع تي پرڏيهي عملدارن سان گڏ بليئر هائوس ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ڪافي سالن کان جاري ڊگهي ۽ خوشگوار لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي اڳواڻن پارٽنرشپ جي حوالي سان تازن واقعن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي اعليٰ سطحي رابطا جاري رکڻ تي زور ڀريو، وزيراعظم جان ڪيري کي پنهنجي حڪومت جي خاص ڪاميابين بابت ٻڌايو ته هو تازو ٻن سالن ۾ حاصل ٿيون آهن، انهن ۾ معيشت ۽ اندروني سلامتي جي معاملن کي خاص اهميت هئي، جان ڪيري وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن سميت ٻين شعبن ۾ آمريڪا تعاون ڪندو رهندو، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي غور ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته دهشتگردي علائقائي ۽ عالمي سلامتي لاءِ چيلينج آهي ۽ ان چيلينج جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جو عزم ورجايو، وزيراعطم جان ڪيري کي ٻڌايو ته آپريشن ضرب عضب ۽ قومي ايڪشن پلان جا گهربل نتيجا مليا آهن ۽ اندورني سلامتي جي صورتحال بهتر ٿيڻ سان گڏ پاڪستان مان دهشتگردي جي لعنت ختم ٿي رهي آهي، ان موقعي تي اهو به ٻڌايو ويو ته تازو هفتن دوران پاڪستان دهشتگردي جي واقعن ۾ غير معمولي ڪمي ٿي آهي، آمريڪي پرڏيهه وزير آپريشن ضرب عضب مان مليل اهم ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي جنهن ذريعي سرحدي علائقن ۾ دهشتگرد تنظيمن جو خاتمو آندو ويو آهي، علائقي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ وزيراعظم جي عزم کي ساراهيندي جان ڪيري ان عزم کي ورجايو ته آمريڪا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان گڏ ڪم ڪندو، هن چيو ته افغانستان ۾ استحڪام لاءِ مفاهمتي عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي، ان موقعي تي اتفاق ڪيو ويو ته علائقائي ملڪن وچ ۾ رابطا وڌايا وڃن ته بين الاقوامي کي پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏئي سگهجي. ملاقات دوران خميس تي وزيراعظم نواز شريف جي آمريڪي صدر براڪ اوبامان سان ٿيندڙ ملاقات جي اينجڊا کي آخري شڪل ڏني وئي، ملاقات ۾ اسحاق ڊار، چوڌري نثار خان، سرتاج عزيز طارق فاطمي، اعزاز احمد چوڌري ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير جليل عباس جيلاني شامل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *