پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ جو اهم سبب ڪشمير تڪرار آهي: نواز شريف

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ جو اهم سبب ڪشمير تڪرار آهي،جيڪو حل ٿيڻ تائين ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا بهتر نٿا ٿي سگهن، سندن حڪومت سمورا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي، 2018ع محفوظ پاڪستان قوم حوالي ڪيو ويندو. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪوٺايل تقريب دوران پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جو اهم سبب ڪشمير مسئلو آهي. هـُن واضح ڪيو ته ڪشمير مسئلي جي حل تائين پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپا بهتر نٿا ٿي سگهن، نئين دهلي، اسلام آباد جي امن وارين ڪوششن جي مثبت موٽ ناهي ڏني. وزيراعظم چيو ته 2013ع ۾ نون ليگ جي اقتدار سنڀالڻ وقت ملڪ جون حالتون انتهائي خراب هيون، جن کي بهتر ڪرڻ لاءِ بنا دير آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو. ميان نواز شريف چيو ته فاٽا، بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف شروع ڪيل آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي،جيڪو مڪمل امن ٿيڻ تائين ختم نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي راڄڌني ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ وارو نون ليگ سرڪار جو مشن ڪامياب ٿي رهيو آهي، شهر جون حالتون هاڻي گهڻي حد تائين بهتر ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ به ڪارروايون جاري آهن، حڪومت توانائي بحران جي حل لاءِ به ڪوششون وٺي رهي آهي، جلد لوڊشيڊنگ جو مسئلو به حل ٿي ويندو. ميان نواز شريف آمريڪي دوري دوران اڄ پرڏيهي وزير جان ڪيري سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته صدر براڪ اوباما سان سندس ملاقات سڀاڻي رٿيل آهي. وزيراعظم ميان نواز شريف آمريڪي نائب صدر جوبائيڊن ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. ان کان اڳ وزيراعظم ميان نواز شريف گذريل رات لنڊن کان واشنگٽن پهتو ته اينڊريوز ايئرپورٽ تي سندس ريڊ ڪارپيٽ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير جليل عباس جيلاني، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي ۽ پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير سميت آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اختيارين ۽ پروٽوڪول آفيسرن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ميان نواز شريف کي آمريڪي فوج سلامي پڻ پيش ڪئي، جڏهن ته دوري دوران خاتون اول ڪلثوم نواز ۽ مريم نواز پڻ ميان نواز شريف سان گڏ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *