نقيب الله قتل ڪيس جي اهم شاهد جي گم ٿيڻ جي رپورٽ غلط ثابت، هو قائد آباد ٿاڻي تي وڏي منشي طور مقرر

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) نقيب الله قتل ڪيس ۾ اکين ڏٺو شاهد قائد آباد ٿاڻي تي مقرر آهي جڏهن ته ڪيس جي جاچ آفيسر ڊاڪٽر رضوان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سندس گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جاچ آفيسر ايس پي ڊاڪٽر رصوان رپورٽ جمع ڪرائي ته اکين ڏٺو شاهد شهزادو جهانگير گم ٿي ويو آهي جڏهن ته هو قائد آباد ٿاڻي تي وڏي منشي طور مقرر آهي. وڏي منشي شهزادي جهانگير کي 6 نومبر 2018ع تي قائد آباد ٿاڻي تي وڏو منشي مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ان کان اڳ ميمڻ ڳوٺ ۾ مقرر هو.  حيرت انگيز طور شهزادي جهانگير جي گم ٿيڻ جي رپورٽ شهر جي ڪنهن ٿاڻي ۾ داخل نه آهي. ٻئي طرف اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر رضوان خلاف قانوني ڪارروائي جو اشارو ڏنو.  هن چيو ته اکين ڏٺي شاهد جي گم ٿيڻ جي رپورٽ تي ڊاڪٽر رضوان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *