خيرپور ويجهو موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر، 2 سئوٽ نينگر چيڀاٽجي فوت

خيرپور(م.ڊ)خيرپور ويجهو موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 سئوٽ نينگر چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا. خبر موجب پراڻي قومي شاهراهه تي ٺيڙهي ڦاٽڪ وٽ موٽر سائيڪل ۽ سرن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه سئوٽ 16 سالن جو انور پٽ خالد شيخ ۽ 9 سالن جو ڪامران پٽ عمران شيخ چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي نينگرن جا لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي سئوٽ شهيد آباد پاڙي کان فيض آباد ڪالوني موٽرسائيڪل ۾ پيٽرول ڀرائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. فوت ٿيل ڪامران ٽئين ڪلاس جو شاگرد ۽ انور ستين ڪلاس جو شاگرد هو. ٻنهي ڄڻن جا لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو. بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *