نظام الائي ڪيئن پيا هلائين، خيبرپختونخوا حڪومت جو ڪهڙو علاج ڪريان؟: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته خيبرپختونخوا حڪومت جو ڪهڙو علاج ڪريان؟ نظام الائي ڪيئن پيا هلائين. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن رڪني بينچ سروس معاملن بابت ڪي پي ڪي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڊائريڪٽر ايليمينٽري ايجوڪيشن خيبرپختونخوا جي سروس معاملن بابت درخواستون گهڻو مدو گذرڻ تي خارج ڪري ڇڏيون. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل آفيس جي معاملي تي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو ته ديري جي ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ انهن کان رقم جي ريڪوري ڪئي وڃي. عدالت ٽن مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪري رجسٽرار آفس کي آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت جي روش آهي ته ڪي پي حڪومت جو اڪثر درخواستن جو مدو ختم ٿي ويندو آهي ۽ پنج، پنج لکن جا ڏنڊ صوبائي حڪومت مٿان هنيا ويندا آهن. چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته خيبرپختونخوا حڪومت جو ڪهڙو علاج ڪريون؟ ڪي پي وارا نظام ڪيئن پيا هلائين، سمورا آفيسر ديرون ڪندا آهن، اهو عمل ڄاڻي واڻي ڪيو ويندو آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل قاسم ودود چيو ته اراضي جي ڪيسن کي ڄاڻي واڻي روليو ويندو آهي، پر هن سروس ميٽر ۾ ادارن وچ ۾ رابطن جي فقدان سبب ديري ٿي. ان تي چيف جسٽس چيو ته اها وضاحت عدالت لاءِ قابل قبول ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *